مدئجي (ن پ ا) ڳوٺ ڳاهيجا جي رهواسين محمد ادريس ابڙو، غلام شبير، امتياز، يونس پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي نوجوان علي گل ابڙو مڪاني چونڊن ۾ آزاد اميدوار طور حصو ورتو، مخالف مڇرجي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن.هنن الزام هڻندي چيوته مخالفن پوليس ذريعي  اسان جي ٽن نوجوانن اميدوار علي گل ابڙو، علي نواز ۽ محمد الياس ابڙو کي کنڀي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.ايس ايچ او ڳاهيجا بااثرن جو ونگارو بڻيل آهي، نوٽيس وٺي نوجوانن کي آزاد ڪرائي ايس ايچ او ڳاهيجا خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو.