ڪراچي (نمائندن وٽان) خيرپور ۾ گيسٽرو جو مرض تيزي سان پکڙجڻ لڳو، 91 ٻارڙن کي سٽي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جن ۾ زرينه، فائزه، سپنا، افضل، محمد سوڍل، ڪريم، دعا بتول، سميرا، رينا، رياض علي، عبدالله ۽ ٻيا شامل آهن.گذريل ڏينهن پيرجوڳوٺ، راهوجا، صدرجي ڀٽيون، احمدپور سميت مختلف صحت مرڪزن ۾ گيسٽرو ۾ مبتلا 100 کان وڌيڪ ٻارڙن کي داخل ڪيو ويو. اسپتال داخل ڪيل مريض ۾ ٻارڙا ۽ عورتون وڏي انگ ۾ شامل آهن.

مدئجي ڀرسان ڳوٺ محمد مراد بروهي واسي پنجن مهينن جو ابهم ٻارڙو حفيظ پٽ حافظ محمد علي بروهي فوت ٿي ويو. جڏهن ته گيسٽرو جي مريضن لطف شيخ, ھمٿ بروھي, توفيق بروھي , حنيف عباسي سميت  50 کان مٿي مريضن جو پرائيويٽ اسپتالن ۾ علاج ٿيڻ لڳو.قمبر سول اسپتال ۾ گيسٽرو ۾ مبتلا عورتن ٻارن ۽ مردن  سميت 18 متاثرن سراج احمد، نظيران خاتون، محمد عيسيٰ، عائشه، محمد اسماعيل، بشيران خاتون، احسان علي ۽ ٻيا شامل آھن.

ٽنڊوباگو شھر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برساتن بعد گيسٽرو جو مرض وبائي صورت اختيار ڪري ويو آهي  ڪالهه تعلقي اسپتال ۾ 20 کان وڌيڪ مريض داخل ڪرايا ويا آھن، جن ۾ اڪثريت ٻارڙن جي آھي. مريضن ۾  عبدالغني حجام، منظور، چانڊيو، بابو، شھزادا، علي اڪبر، محمد رحيم، فراز، آمنه، طاهراه، دعا، ھدايت علي، غلام مصطفي، ريشمان، مھناز، جبار علي، ساران، گلناز، مايا ۽ ٻيا شامل آهن. قاضي احمد جي ڳوٺ عثمان راهو ۾ 4 ورهين جي ٻارڙي هاديه راهو گيسٽرو وگهي فوت ٿي وئي،

جڏهن ته ڀرپاسي   ٻارڙن، عورتن سميت 11 ڄڻا گيسٽرو ۾ مبتلا ٿي ويا آهن،کورواھ ۾ صحت مرڪز تي گيسٽرو  جي دوائن جي کوٽ ۽ علائقي ۾ گيسٽرو جي وڌندڙ وبائي بيماري جي پهنجي اخبار ۾ خبر ھلڻ بعد صحت کاتي نوٽيس ورتو. ڊاڪٽرن جي ٽيم ڳوٺ نم جت پھچي مريضن جو علاج ڪيو. ٻي پاسي ڳوٺ ڏانهن ويندڙ رستو ڪچو ھجڻ سبب ايمبولينس رستي ۾ ڦاسي پئي.