مدئجي ڀرسان ڳوٺ تي پوليس جي چڙهائي، 5ڄڻا گرفتار

0
145
اوٻاوڙي مان مبينا

مدئجي (رپورٽر) مدئجي ٿاڻي جي ايس ايڇ او گلزار ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس اٽالن 5 کان مٿي پوليس موبائيلون ۽ اهلڪار ساڻ ڪري گهر پنهنجا ۾ ڏاهاڻي برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪئي، ڳوٺاڻن موجب پوليس گهرن ۾ داخل ٿي ڪري مبينا عورتن ۽ ٻارڙن مٿان تشدد ڪري گهر ۾ پيل اناج ۽ 10 کان مٿي ٻڪريون کڻي وئي، پوليس رستي مان کورکاڻي (ٻروچ) برادري جي پنجن ڄڻن کي کنڀي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، ڪيسن ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڏاهاڻي برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪئي پر جوابدار اڳواٽ گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا ڪا به گرفتاري نه ڪئي آهي.