مدئجي (رپورٽ: معظم ڀٽو ) مدئجي ڀرسان رائيس ڪئنال وٽان موٽرسائيڪل سوار هٿياربند ٻڪريون چاريندڙ ڪچي جي ڳوٺ لطيف ڪلهوڙو واسي ڌنار نوجوان شاھد ڪلھوڙو ۽ 12 ورهين جي نينگر ساجد ڪلهوڙو کي مبينا طور اغوا ڪري ويا،  ايس ايڇ او مدئجي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته وارثن جي اطلاع تي جاءِ واردات تي پهتاسين ته خبر پئي حد مدئجي ٿاڻي جي ناهي،هن وڌيڪ چيوته ڪچي جي علائقي جهٻرشيخ ٿاڻي جي حد ۾ جوڻيجا ۽ ڪلهوڙا برادرين وچ ۾ قبيلائي تڪرار ھلندڙآھي، جنهن تان ڪجهه ڏينھن اڳ ڪلھوڙا برادري جا ھٿياربند جوڻيجا برادري جي نوجوان سراج جوڻيجو کي اغوا ڪري ويا هئا، هي واقعو ان جي پلاند ۾ لڳي رهيو آهي.هوڏانهن ڪلهوڙا برادري جي چڱي مڙس حفيظ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته شاهد بيمار نينگر کي مدئجي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي وڃي رهيو هو ته کين جوڻيجا برادري جا ماڻهو اغوا ڪري ويا آهن،