لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) مديجي ڀرسان ڳوٺ نوشيرو ابڙو ۾ مبينا طور هٿرادو ڪارتوس ٺاهڻ دوران ڌماڪي ۾ نوجوان ساگر علي شاهه ۽ سندس دوست آزاد علي بروهي سڙي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي سندن وارثن کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي سڙي زخمي ٿيل نوجوانن جي وارثن ٻڌايو ته اسان جا نوجوان گهر اندر هٿراڌو ڪارتوس ٺاهي رهيا هئا جتي اوچتي زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻئي سڙي سخت زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال داخل ڪرايو آهي