مدئجي (ن پ ا ) ڳاهيجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ ماڻڪ جي وانڍ ۾پوليس اٽالن چڙهائي ڪري جتوئي برادري جي گهرن ۾ داخل ٿي تلاشي ورتي. اهلڪارن پاران عورتن ۽ ٻارن مٿان مبينا طور تشدد ڪيو ته عورتن ۽ ٻارن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا، مرد هٿ نه اچڻ تي پوليس گهرن ٻاهران بيٺل ڍور ڪاهي ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا آهن.ايس ايچ او ڳاهيجا رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته بهارو جتوئي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چڙهائي ڪئي، جوابدار هٿ نه اچڻ تي ڪجهه ڍور ڪاهي آيا آهيون. ٻئي طرف ڳوٺاڻن جو چوڻ هوته بهارو جتوئي جي قتل سان واسطو ناهي، پوليس ناحق اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد ڪرڻ بعد گهرن ۾ بيٺل ڍور به ڪاهي ويا آهن.