لاڙڪاڻو/ مدئجي (نمائندن وٽان)  مدئجي شهر جي اسٽيشن روڊ واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ دڪان مالڪ 56 ورهين جي عبدالحق خروس ۽ گڏهه گاڏو هلائيندڙ واٽهڙو پورهيت 40 ورهين جي صفدر هڪڙو زخمي ٿي پيا.پوليس زخمين کي کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽرن ڳوٺ سوڀو خان خروس واسي  عبدالحق خروس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.ان موقعي تي مقتول جي وارث غلام محمد خروس ٻڌايو ته اسان جو ناريجا ذات سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، جن اڳ به اسان مٿان ڪوڙ ڪيس داخل ڪرايو هو،هنن چيو ته عبدالحق خروس پنهنجي ڪاٺين جي مڏي تي ويٺو هو، جنهن کي موٽرسائيڪل سوار ٻن هٿياربندن فائرنگ ڪئي.جوابدارن کي گرفتار انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ضروري ڪاروائي بعد مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي مدئجي روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي مدئجي پوليس ٻڌايو ته ناريجا ۽ خروس برادرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان واقعو پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون, هوڏانهن واقعي بعد خروس برادري جي ماڻهن هڪ مبينا جوابدار نازل ناريجو کي پڪڙي مدئجي ٿاڻي تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.