مدئجي (ن پ ا) مدئجي جي ڊکڻ روڊ تي موٽر سائيڪل سوار ٻن ڦورن نوجوان مرتضيٰ بروهي کان موبائيل فون ڦرن جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران مزاحمت تي جوابدار فرار ٿي رهيا هئا ته پوليس ۽ شهرين پيڇو ڪري ٻن ڦورن ديدار خروس ۽ توفيق خروس کي سوگهو ڪري ورتو، واقعي بابت وڏي انگ ۾ شهري ٿاڻي تي پهتا، پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.




























