مدئجي (ن پ ا) مدئجي ڀرسان ڳوٺ جاگير شيخ ۾ ڳوٺاڻي علي حسن منگي جي چئن جريبن جي ڪڻڪ جي ديري کي نامعلوم شرپسندن باهه ڏئي ڇڏي، جنهن ۾ سمورو ديرو سڙي رک ٿي ويو، متاثر موجب اطلاع باوجود فائر برگيڊ جي گاڏي نه پهتي جنهن ڪري وڏو نقصان ٿي ويو.