مدئجي (ن پ ا) جمالپور ٿاڻي جي حد ۾ زرعي زمين تان ڊاٽسن تي واپس موٽندڙ ڳوٺ منعم آباد واسي طيب ولد بدر الدين ۽ عاشق ولد محمد امين ڦلپوٽو کي هٿياربندن مبينا طور اغوا ڪري ويا.وارثن بدرالدين ڦلپوٽو ۽ قمر الدين ڦلپوٽو جمالپور ٿاڻي تي پهچي اطلاع ڏنو. وارثن ميڊيا آڏو دانهيندي چيوته لطف الله دل جي زرعي زمين تي ڪم ڪندا آهيون جوڻيجا برادري جا ماڻهو اسان کان منٿلي گهرندا هئا. شڪ آهي ته جوڻيجا برادري جي جوابدارن منٿلي نه ڏيڻ تي منهنجي پٽ ۽ سئوٽ کي اغوا ڪري ويا آهن. هوڏانهن ايس ايڇ او جمالپور ٻڌايو ته واقعو ذاتي تڪرار لڳي رهيو آهي، مان ڪورٽ آهيان معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون. پوليس طرفان راڄوڻي ذريعي نوجوانن کي واپس ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.