ميرپورخاص  (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن سيد خادم علي شاهه جي 11 يونين ڪاميٽين مان ميگھواڙ برادري کي مڪمل طور نظرانداز ڪرڻ خلاف ميگھواڙ برادري جي ماڻهن ھٿن ۾ پ پ جا جھنڊا کڻي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين مطالبو ڪيو ته ميگھواڙ برادري کي مينارٽي جي مخصوص سيٽ ڏني وڃي، مظاهرين دانهيندي چيو ته ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن سيد خادم علي شاهه جي يارنهن يونين ڪاميٽين ۾ ميگھواڙ برادري جي وڏي اڪثريت آھي، سدائين پ پ کي ووٽ ڏنا آهن، اڄ تائين ڪائونسلر جي سيٽ ناھي ڏني وئي،  پ پ جي مقامي قيادت وٽ پنھنجا نوازي جو سلسلو جاري آهي، مخصوص سيٽ ڏياري وڃي.