ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي روينيو واري وزير مخدوم محبوب الزمان جي پرائيويٽ سيڪريٽري سيد سيف شاھه سندس شاديءَ ۾ ڊالرن وارو هار پارائڻ بابت رپورٽ نشر ڪرڻ تي خانگي چينل جي سي اي او سلمان اقبال ۽ مٽياري ضلعي جي صحافي امتياز چنا کي ليگل نوٽيس موڪلي ڇڏيو، پنهنجي وڪيل نواز حسين سڪندر ذريعي موڪليل نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سيد سيف علي شاھ جي شادي ڪاڄ جي بي بنياد، حقيقت کان ابتڙ ۽ بدنيتي تي ٻڌل رپورٽنگ ڪئي وئي آهي ته  روينيو واري صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان کيس 10 لکن  جي ماليت جو ڊالرن وارو ھار ۽ سونو تاج  تحفي ۾ ڏنو، جيڪو سراسر ڪوڙ آهي. ساڳئي وقت موٽر وي ڪرپشن اسڪينڊل کي به شادي واري خبر سان ڳنڍيو ويو آهي قانوني نوٽيس مطابق سنڌ جي ثقافت هيٺ تحفي ۾ ڏنل هار جي قيمت رڳو 90 ڊالر (24660 رپيا) آهي، نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو  ته معافي نه وٺڻ جي صورت ۾ هڪ ارب رپين  جو هرجاڻو ادا ڪرڻو پوندو