مٽياري / ڀٽ شاهه(نمائندا) سنڌ ۾ اپوزيشن ليڊر پي ٽي آءِ اڳواڻ سنڌ حليم عادل شيخ مٽياري ۾ سنڌ ميمڻ اتحاد جي سربراهه حاجي عبدالرزاق ميمڻ جي لاڏاڻي بعد وارثن سان تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي پاڪستان پيپلزپارٽي وارا پنهجي ڪرپشن لڪائڻ خاطر تمام هيٺ ڪري پيا آهن، مخدوم محبوب الزمان ڪريل حرڪت ڪئي آهي، جنهن تي مخدوم جميل کي سوچڻ گهري ۽ پنهجي پٽ کي روڪڻ گهرجي وقت بدلجندي دير نه لڳندي آهي هن چيو ته سياسي ڪيس الگ ٺهندا آهن پر ضلعي انتظاميا ۽ پوليس مخدوم محبوب الزمان جي چوڻ تي جيڪو ورتاءَ پي ٽي آئي اڳواڻن مخدوم فضل، مخدوم محسن ۽ عمار سان ڪيو آهي ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا اهڙي ڪيسن کي اسان پي ٽي آئي وارا منهن ڏيڻ ڄاڻون ٿا، هن چيو ته وفاق ۾ به هي ليٽيرن جو ٽولو خان کان خائف آهي ۽ اسانجي قائد مٿان قاتلاڻو ڪرائي هو پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ چاهين ٿا پر کين هر پاسي کان ناڪامي ئي ملندي. بعد ۾ حليم عادل شيخ پارٽي ڪارڪن سان گڏ گرفتار اڳواڻن مخدوم فضل ۽ ٻين سان ملاقات لاءِ ڀٽ شاھ ٿاڻي تي پهتو. ۽ تحريڪ انصاف اڳواڻن مخدوم فضل حسين ،مخدوم محسن ۽ مخدوم عمار سان ملاقات ڪئي،  حليم عادل شيخ ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته مخدوم فضل حسين ۽ ٻين مٽياري ضلعي مان تازو پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ هالا بائي پاس تي تحريڪ انصاف جي ريلي جي آجيان ڪئي ۽ جلسو پڻ ڪيو هو جيڪو مخالفن کان برداشت نه ٿيو جنهن تي هنن کي بلا جواز انتقامي ڪارروائي تحت سيمنٽ ۽ ٻيو سامان چوري جي ڪيس ۾ لاڪپ ڪيو ويو آهي.