خيرپور (رپورٽر)شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ اسٽڊيز، مخدوم عبدالرحمان شهيد ايجوڪيشنل، ڪلچرل ۽ ڊولپمينٽ ٽرسٽ کهڙا، سرسو ۽ ضلعي انتظاميا جي سهڪار سان ”سماج جي سڌاري ۾ کهڙا شريف جي مخدومن جو ڪردار“ جي موضوع تي هڪ ڏينهن واري قومي ڪانفرنس منعقد ڪئي. ڪانفرنس جي صدارت يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو ڪئي، جڏهن ته وڏي وزير جو مذهبي معاملن بابت خاص مددگار پير بچل شاهه جيلاني خاص مهمان هو. ان موقعي تي ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽي خطاب ڪندي چيو ته صوفين جي پيغام آڌار سماج ۾ امن ۽ رواداري قائم ڪري سگهجي ٿي. انساني وقار کي فروغ ڏيڻ ۾ مخدوم عبدالرحمان شهيد جو ڪردار قابل تحسين آهي. سيد بچل شاهه جيلاني چيو ته مخدوم عبدالرحمان شهيد سنڌ جو علامتي شهيد آهي. هن انساني عظمت ۽ خدا جي وحدانيت جي تبليغ ڪئي ۽ شيطاني قوتن سان مهاڏو اٽڪايو. ڪلهوڙن جي دور ۾ مخدوم عبدالرحمان کي 221 ساٿين سميت شهيد ڪيو ويو. سجاده نشين درگاه حضرت لعل شهباز قلندر ڊاڪٽر مهدي رضا شاهه، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور شرجيل نور چنا، خواجه معين الدين محبوب ڪوريجا، سجاده نشين درگاه کهڙا شريف مخدوم نديم احمد هاشمي ۽ ٻين ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته تصوف روحانيت جو سرچشمو آهي. سماج جي بهتري لاءِ امن ۽ رواداري جي تصور کي هٿي ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي. ڪانفرنس ۾ ناليوارن محققن ڊاڪٽر مخمور بخاري، پروفيسر ڊاڪٽر نعيم انور نعماني، اي بي لاشاري، شير مهراڻي، شمائلا رباب رضوي ۽ ٻين پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪيا. ڪانفرنس ۾ استادن، محققن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.