هالا (ن پ ا) مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جي 30 هين ورسي هالا ۾ سادگي ۽ عقيدت احترام سان ملهائي وئي، ان  موقعي تي درگاهه مخدوم سرور نوح جي احاطي ۾ قرآن خواني ڪئي وئي، جنهن ۾ علائقي واسين سميت سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي، جڏهن ته مخدوم طالب الموليٰ جي ورسي جي موقعي تي اڳوڻي ضلعي چيئرمين مخدوم فخرالزمان، مخدوم احمد الزمان، مخدوم محبوب الزمان درگاهه سرور نوح پهچي مخدوم طالب الموليٰ جي مزار تي حاضري ڀري، مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتح پڙهي دعا گهري.