اوڏيرو لال اسٽيشن (رپورٽ: اسلم آزاد گھانگھلو ) اڏيري لال يوسي تي پ پ کي اپ سيٽ شڪست ٿي آهي، جڏهن ته 3 وارڊ پ پ کٽي ورتا آهن.  ان ڏس ۾ يونين ڪائونسل نمبر 30 اوڏيرولال اسٽيشن تي آزاد اميدوار جو اميدوار آصف ڇٽو 2257ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، سندس سامهون بيٺل  پ پ جو اميدوار عزت علي برھماڻي1760 ووٽ کڻي هارائي ويو. ٽائون ڪاميٽي اڏيرو لال اسٽيشن جي ٽنھي وارڊن تان پ پ پ جا اميدوار ڪامياب ٿي ويا آهن. غير سرڪاري غير حتمي نتيجن موجب ٽائون ڪاميٽي اوڏيرو لال اسٽيشن جي وارڊ نمبر ھڪ تان پ پ پ جو اميدوار  عبدالغفار گھانگھلو  530ووٽ کڻي ڪامياب ٿئي ويو  جڏهن تـ سندس مقابلي ۾ آزاد  اميدوار ديون ليکراج 190ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رھيو. ٽائون ڪاميٽي اوڏيرو لال اسٽيش وارڊ نمبر ٻ تي محمد قاسم ابڙو پ پ پ جو اميدوار 655 ووٽ کڻي ڪامياب ٿئي ويو جڏهن  تـ ٻئي نمبر تي جي يو آءِ جو اميدوار عدنان بھلم 195 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رھيو. وارڊ  نمبر ٽي تي پ پ پ جو اميدوار محمد حنيف ڇٽو 460 ووٽ کڻي ڪامياب رھيو ٻئي نمبر تي آزاد اميدوار آفتاب ساھووال 374ووٽ کنيا.