ڪلوئي (ن پ ا) ڪلوئي ۾ مختيارڪار سجاد انصاري پاران سماجي اڳواڻ محمد رمضان لنڊ کي مبينا طور گٿا لفظ ڳالهائڻ خلاف شهري توڙي سياسي ۽ سماجي تنظيمن جا ڪارڪن سراپا احتجاج، سوين ماڻهن ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ٽرئفڪ معطل رهي. مظاهرين پاران سومر ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻڻ جو چتاءَ. خبر موجب ڪلوئيءَ ۾سماجي اڳواڻ رمضان لنڊ پاران مختيارڪار سجاد انصاري جي ڪرسي سنڀالڻ وارو معاملو سوشل ميڊيا تي اچڻ بعد مختيارڪار سجاد انصاري جي گٿا لفظ ڳالهائڻ واري آڊيو ڪال رڪارڊنگ وائرل ٿيڻ جي ٻئي ڏينهن ڪالهه سوين شهرين روڊن تي نڪري مختيارڪار سجاد انصاري خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو. گذريل ڏينهن پ پ پ اڳواڻ محمد خان لنڊ ۽ عوامي تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر جي صدر اوڀايو جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ سوين شهري لنڊ هائوس تان ريلي ڪڍي سڄي شهر ۾ مارچ ڪرڻ بعد مين اسٽاپ تي چئن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. مظاهرين جو چوڻ هو ته مختيارڪار سجاد انصاري سماجي اڳواڻ رمضان لنڊ کي نه پر اسان سڀني کي ماءُ ڀيڻ تي گاريون ڏنيون آهن، اهڙي بدزبان آفيسر کي ڪرسيءَ تي رهڻ جو ڪو به حق ناهي. هنن چتاءُ ڏنو ته مختيارڪار سجاد انصاري کي فوري طور نه هٽايو ويو ته سومر ڏينهن مٺي شهر ۾ ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي مختيارڪار ڪلوئي سجاد انصاري موقف ڏيندي ٻڌايو ته ايڊٽ ٿيل آڊيوڪال وائرل ڪري سماجي اڳواڻ سياست چمڪائڻ چاهي ٿو، مون ڪي به گٿا لفظ نه ڳالهايا آهن، نه وري فون ڪال ڪئي آهي.