ڀان سيد آباد: مختلف ڳوٺن جي ڳوٺاڻن پاران ڪجهه ڏينهن اڳ وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه اڳيان به ٻيڙيون نه ملڻ جون دانهون ڪيون ويون هيون، علائقي واسين جي دانهن باوجود به ضلعي انتظاميا رهواسين کي ٻيڙيون توڙي ٻيڙين لاءِ تيل نه ڏنو آهي، ان سلسلي ۾ موقف معلوم ڪرڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ توڙي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو سان بار بار رابطي جي ڪوشش ڪئي پر ٻنهي آفيسرن ٻيڙين بابت پنهنجو موقف ڏيڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف مختلف ڳوٺن جي رهواسين محمد شريف برهماڻي، احمد نواز بلوچ، صدام چانڊيو ۽ ٻين چيو ته ضلعي انتظاميا 20 ڏينهن اندر ڪابه ٻيڙي فراهم ناهي ڪئي، انتظاميا صرف ڪوڙا بل ٺاهيا وڏي وزير کي بي وقوف بڻائي رهي آهي، ٻوڏ متاثرن سان مذاق ڪئي پئي وڃي. هنن وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه کان انتظاميا جي ڪرپشن جو نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي آهي.