اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ اختياراتي سليڪشن بورڊ  13 آفيسرن کي گريڊ 21 مان 22 هين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، منظوري بعد ترقين وارو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾  اعليٰ اختياراتي سليڪشن بورڊ جو اجلاس ٻئي ڏينهن به جاري رهيو، ان موقعي تي مختلف سروسز گروپ جي 13 آفيسرن کي گريڊ 21 مان 22 ۾ ترقيون ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، انفارميشن گروپ جي شاهيرا شاهد، پوسٽل گروپ جي خالد جاويد ۽ حسن اختر خان ترقيون ماڻيندڙن ۾ شامل آهن، پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي احمد حنيف اورڪزئي، يوسف خان، محسن مشتاق، ساجد صديق، ڪيپٽن رٽائرڊ سعيد احمد، عارف انور بلوچ، اويس منظور، علي شير مسعود، سيد علي مرتضيٰ، وسيم مختار به ترقي ماڻيندڙن ۾ شامل آهن.