اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي مختلف وزارتن ۾ هڪ ئي عهدي تي ٽن سالن کان مقرر آفيسرن جي لسٽ طلب ڪري ورتي، گريڊ 18 ۽ 19 جي پوسٽن تي ڪم ڪندڙ گريڊ 17 جي آفيسرن جا تفصيل به طلب، تفصيل موجب پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جو اجلاس نور عالم خان جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ پي اي سي مختلف وزارتن ۾ هڪ ئي عهدي تي ٽن سالن کان مقرر آفيسرن جي فهرست طلب ڪري ورتي، ڪاميٽي گريڊ 18 ۽ 19 جي پوسٽن تي ڪم ڪندڙ گريڊ 17 جي آفيسرن ۽ ايڊيشنل چارج تي ڪم ڪندڙ آفيسرن جا تفصيل به طلب ڪري ورتا، اجلاس ۾ ثقافت ۽ قومي ورثي واري وزارت جي آڊٽ رپورٽ جو جائزو وٺڻو هو، ڪاميٽي ثقافت وزارت جي محڪماڻي اڪائونٽس ڪاميٽي جا اجلاس نه ٿيڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪندي ثقافت واري وزارت جي آڊٽ رپورٽ جو جائزو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اجلاس ۾ وزارت جي ڊپٽي سيڪريٽرين جي اچڻ تي ڪاميٽي چيئرمين ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته جوائنٽ سيڪريٽري کان گهٽ عهدي جي ڪنهن به آفيسر کي پي اي سي ۾ آندو وڃي، ڪاميٽي چيئرمين نور عالم خان آڊٽ رپورٽ جو جائزو وٺڻ کان سواءِ ئي اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو.