مختلف شهرن ۾ ڪريڪ ڊائون، پي ٽي آءِ جا 300 کان وڌيڪ اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار، ھٿيار ھٿ

0
197
مختلف شهرن ۾ ڪريڪ

اسلام آباد: ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪريڪ ڊائون دوران پي ٽي آءِ جا 300 کان وڌيڪ اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا، لاهور ۾ پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ محمود الرشيد کي گرفتار ڪري ورتو آھي

پي ٽي آءِ ترجمان طرفان سينيٽر اعجاز چوڌري به گرفتار ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي، لاهور ۾ شفقت محمود جي گهر تي به ڇاپو ھنيو ويو، پي ٽي آءِ اڳواڻ هٿ نه آيو

 لاهور پوليس طرفان پي ٽي آءِ اڳواڻ بجاش ۽ زبير نيازي جي گهر مان وڏي تعداد ۾هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي، ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي، ٻنهي اڳواڻن خلاف ڪيس داخل

ان سلسلي ۾ اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته بني گالا ۾ موجود پي ٽي آءِ ڪارڪنن به پاڻ سان گڏ هٿيار رکيا آهن، ملڪ کي تباھي ڏانھن ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي

ھي به پڙھندا

لانگ مارچ: ڪراچي کان اسلام آباد تائين اھم رستا ۽ موٽر وي بند، بس اڏا سيل، ميٽرو سروس به معطل