ڪراچي (نمائندن وٽان) گهرو کاتي جي حڪم کانپوءِ هفتي ۾ 2 ڏينهن ڪاروبار بند رکڻ واري سلسلي تحت مختلف شهرن لاڪ ڊائون سبب مک بازارون بند رهيون. کاڌ خوراڪ جا دڪان ۽ ميڊيڪل اسٽور کليل رهيا، کليل دڪانن تي ماڻهن جي پيهه، سماجي وٿي مڪمل طور نظرانداز، ماسڪ پائڻ تي به عمل نه ٿيو. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ گهرو کاتي جي حڪم کانپوءِ هفتي ۾ 2 ڏينهن ڪاروبار بند رکڻ واري سلسلي تحت پوليس شهر ۾ سمورو ڪاروبار بند ڪرائي ڇڏيو. آچر ڏينهن صبح ٿيندي ئي پوليس لطيف آباد، قاسم آباد ۽ سٽي تعلقي ۾ گشت ڪري معمول موجب کلندڙ سمورا دڪان بند ڪرائي ڇڏيا جنهن سبب سٽي تعلقي جي مارڪيٽ، الرحيم شاپنگ سينٽر، ڪلاٿ مارڪيٽ، ريشم گهٽي، ڇوٽڪي گهٽي، اسٽيشن روڊ، لجپت روڊ، صدر، ڪينٽ، مڪي شاهه، گل سينٽر، چاندني مارڪيٽ، حيدر چوڪ، گاڏي کاتو، پڃرا پل، ڦليلي، لياقت ڪالوني، لطيف آباد نمبر 8 ۾ قائم ڪپڙا مارڪيٽ، موبائيل مارڪيٽ، حسين آباد، مير حسن آباد، گدو چوڪ، آٽو ڀان روڊ، نسيم نگر، وحدت ڪالوني، قاسم آباد، سٽيزن ڪالوني، ڀٽائي نگر، الفتح ٽائون پڪوڙا چوڪ، علمدار چوڪ، حيدرآباد ٽائون، هالاناڪو، بلديا ڪالوني، صائمه پلازه سميت ننڍن وڏن علائقن ۾ ڪاروباري مرڪز بند رهيا جڏهن ته اين سي او سي جي فيصلي تحت شهر ۾ رڳو ميڊيڪل اسٽور، کير ۽ دهي جا دڪان، ڀاڄين، ميوات ۽ ڪريانه جي دڪانن سميت گوشت مارڪيٽ، مڇي مارڪيٽن ۾ ڪاروبار کليل رهيو. عام واهپي جي شين جي کليل دڪانن تان وڏي انگ ۾ شهرين پهچي خريداري ڪئي جن سماجي وٿي کي مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏيو. شهر ۾ قائم سبزي مارڪيٽ، فقير جو پڙ ۽ ٽاور مارڪيٽ ۾ قائم ڀاڄين، ميوات ۽ ڪريانه جي دڪانن تي بنا ماسڪ جي ماڻهن جا هجوم نظر آيا جن کي انتظاميا روڪڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا. شهر ۾ صبح جي وقت کان بند ڪرايل ڪاروباري مرڪز رات دير تائين بند رهيا جڏهن ته رستن تي ٽرانسپورٽ روان دوان هئي. هوڏانهن خيرپور ۾ شاهي بازار، حيدري بازار، پنجگلا چوڪ، ڇٽي چوڪ، ڪچهري روڊ، مال روڊ سميت ٻين علائقن ۾ موجود تقريبن دڪان کليل رهيا. اهڙو اطلاع ملڻ کان پوءِ ضلعي انتظاميا جي حڪمن بعد خيرپور پوليس کليل دڪانن کي زبردستي بند ڪرائي ڇڏيو. ٻئي طرف فيض گنج ۾اسسٽنٽ مختيار ڪار عابد حسين شر پڪا چانگ شهر ۾ هلندڙ هوٽل ڪپڙا جا دڪان حجم جا دڪان مٺائي بوتل جا دڪان بند ڪرائي ڇڏيا، جڏهن ته دڪاندارن کي هدايتون ڪيون ويون ته ايس او پيز تي عمل ڪن ۽جمع ۽آچر ڏينهن تي مڪمل طور تي ڪاروبار بند رکن. چونڊڪو، ڦلجي اسٽيشن، قاضي احمد، منهڙو، مورو ۽ ٽنڊوباگو ۾ به لاڪ ڊائون رهيو.