*ڪوٽڙي: ڄامشورو پريس ڪلب جي چونڊن ۾ اتفاق راءِ سان صدر پروفيسر ڊاڪٽرعبدالفتاح دائودپوٽو، نائب صدر اسد مڱريو، جنرل سيڪريٽري، دلدار جانوري، جوائنٽ سيڪريٽري حاڪم چانڊيو ۽ خزانچي جبار ڪابورو چونڊيا ويا. *ميهڙ: ٿرڙي محبت ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي آباد ۾ ڀنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوۡران ڏنڊا ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو الطاف ڀنڊ سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي تعلقي اسپتال ميهڙ آندو ويو. *ڦلجي اسٽيشن پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي کي ٽائون ڪاميٽي ڦلجي اسٽيشن جي انچارج محمد اسماعيل پنهور پاران آجياڻو ڏنو ويو، ان موقعي تي ايوان صحافت جي صدر عبدالله خان شاهاڻي، جنرل سيڪريٽري غلام سرور پنهور، سينيئر نائب صدر علي رضا سولنگي، نائب صدر سڪندر پنهور، خزانچي سجاد الرحمٰن پنهور، اطلاعات سيڪريٽري زوهيب علي هنڱورو، غلام حيدر پنهور، محمد يعقوب کهرو، ديدار علي دستي ۽ ڪيمپس اسڪول ڦلجي جي هيڊ ماستر نياز الاهي ابڙو پڻ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. *حيدرآباد ۾ مورو جي ميمڻ پاڙي جي رهواسي ٺاڪو مل پنهنجي گهرڀاتين سان گڏجي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته موري جي رهواسي عاشق زرداري سندس پلاٽ تي قبضو ڪري ورتو آهي. عاشق زرداري ساڻس ڀائيوار هو. ڪجهه وقت اڳ انهن گڏيل طور 12 هزار فوٽ پلاٽ غلام علي ٻگهيو کان خريد ڪيو هاڻي پلاٽ گهرڻ تان عاشق زرداري ۽ غلام حيدر زرداري پاڻ کي پوليس کاتي ۾ هئڻ جو جواز ڄاڻائي کيس پلاٽ ڏيڻ کان انڪاري آهن. وس وارا نوٽيس وٺي انصاف ڪن.*حيدرآباد جي جي او آر ۾ ٻارن جي ڳالهه تان ڀيڻ ۽ ڀاءُ ۾ جهيڙو ٿي پيو زخمي ناري ٿاڻي پهچي ڀاءُ خلاف رپورٽ داخل ڪرائي. بابن شاهه ڪالوني جي ملتاني پاڙي جي رهواسڻ 22 سالن جي مائره زال عمير آرائين دانهيو ته ٻارن جي ڳالهه تي ڀاءُ وحشياڻو تشدد ڪيو. وڏو ڀاءُ سهيل مختلف بهانا بڻائي اڳ ۾ به تشدد جو نشانو بڻائيندو رهيو آهي. پوليس رپورٽ داخل ڪري ناري کي ميڊيڪل لاءِ ليٽر ڏنو جيڪو ليٽر کڻي ناري ميڊيڪل لاءِ ڀٽائي اسپتال رواني ٿي وئي. پوليس نوجب گرفتاري چڙهائي ڪئي پر جوابدار نه ملي سگهيو.  *ميھڙ جي دادن ڪالوني ۾ نامعلوم چور بابر ساھڙ جي گھر مان سونا زيور موبائيل فون ڪپڙا ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا جڏنھن ته گھر مالڪ بابر ساھڙ ميھڙ اي سيڪشن ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي. *ڪرمنل ماڊل ٽرائل ڪورٽ خيرپور کهڙا ٿاڻي تي درج منشيات ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل غوث بخش مهيسر کي باعزت بري ڪري ڇڏيو. * ٺڪراٺي شھر مان نامعلوم چور سعيد احمد مهتم نالي شخص جي موٽر سائيڪل سي ڊي 2005 چورائي  فرار ٿي ويا. *ڪنب شھر جي شاهي بازار مان نامعلوم چور دڪان ٻاهران شھري خدابخش منگي جي بيٺل125 موٽرسائيڪل چور ڪاهي فرار ٿيو ته شھرين پيڇو ڪري جهنڊا شاخ اسٽاپ ويجهو مرغي فارم مان جوابدار رميز چانڊيو ۽ سندس ٻن ساٿين مالڪ ڏنو بروهي ۽ مبشر احمد کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو.