سکر (بيورورپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھ چيو آھي ته سياسي ڪيريئر ۾ اھڙي بدترين پارليامينٽ ناھي ڏٺي، عمران خان ثابت ڪري ڇڏيو ته ھو ڪنٽينر تي بيھي جنھن پارليامينٽ جي ڳالھه ڪندو ھو، ھن پارليامينيٽ کي اھا ئِي پارليامينٽ بڻائي ڇڏيو آھي، ملڪ ۾ ھن وقت جيتري مھانگائي آھي اُن جو تصور به نٿو ڪري سگھجي، ھي ماڻھو ڪوشش ڪري رھيا آھن ته ملڪ ۾ قتل و غارت ٿئي ۽ عوام جو توجھه مھانگائي کان ھٽي وڃي، پارليامينٽ کي مڇي بازار بڻايو ويو آھي، جِتي گار گند ڪئي پئي وڃي، سکر احتساب عدالت ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي خورشيد احمد شاھ وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر وچ ۾ اختلاف موجودهه حڪومت کي سپورٽ ڏئي رھيون آھن، جيڪڏھن اسان گڏجي نه ويٺاسين ته حڪومت جيڪا ملڪ ۾ تباھي آڻي رھي آھي اِن جا اسان به ذميوار ھونداسين، هن چيو ته مون کي مسلم ليگ ۽ مولانا فضل الرحمان مان اميد آھي ته اِن تي غور ڪندا ۽ ناراضگيون گھڻي دير تائين نه ھلنديون، خورشيد شاهه چيو ته پي ڊي ايم ٺاھيو ويو پر ميان صاحب بغير پڇڻ جي ٻاھر ھليو ويو، هن چيو ته ملڪي مسئلن جي حل لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏئي سگھون ٿا پر عوام جو خون چوسڻ واري ھن حڪومت جو حصو ڪڏھن نٿا بڻجي سگھون. هن چيو ته عمران خان پاڻ کي عقل قُل سمجھندو آھي، ڪشمير واري مسئلي تي آرمي چيف کيس مڃائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھن نه مڃيو. ھن حڪومت پارليامينٽ جي اھميت وڃائي ڇڏي آھي.