قاضي احمد  ( ن پ ا) مڪاني چونڊ سرگرميون عروج تي پهچي ويو آھن، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر  سيد زين شاھ  جو چونڊن جي حوالي سان ورڪ مهم تيز يونين ڪائونسل سعيد ڪنڊو ۽ احمد ٻگھيو جي مختلف ڳوٺن  ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون ويون، ان موقعي تي سيد زين شاھ  چيو ته نظام ۾ بهتري آڻڻ لاءِ صحيح ۽ غلط جي سڃاڻپ ڪرڻي پوندي. ان ڪري مڪاني چونڊ 26 جون تي اسان جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو،  مخالف حڪومت پوليس جي مدد سان سنڌ جي مختلف هنڌن تي مختلف اميدوارن کي کنڀي گم ڪري بلدياتي اليڪشن کٽڻ چاهي ٿي. جيڪا سراسر ناانصافي آهي، هن چيو ته  26 جون حق ۽ سچ جي جيت جو ڏينهن آهي.