ٺٽو (رپورٽر ) ٺٽي جي سماجي اڳواڻ سيد الطاف حسين شاھ شيرازي ٺٽي ۾صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي ته هو عوامي خدمت تي يقين رکي ٿو ۽ هن عوام جي خدمت لاءِ مڪاني چونڊ ۾  فارم ڀرايو پر  مخالفن پنهنجي شڪست کان بچڻ لاءِ منهنجي چونڊ فارم جي تائيد ڪندڙ کي گم ڪري ڇڏيو آھي، هن چيو ته  مخالف مختلف طريقن سان هراسان ڪري رهيا آهن، هن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سندس فارم رد ٿيو آھي پر ان جي باوجود هو پنھنجي شھر جي عوام جي خدمت ڪندو رھندو.