ٽنڊوباگو (ن پ ا) اڳوڻي صوبائي وزير پ پ اڳواڻ سيد علي بخش عرف پپو شاهه جي گهر واري اڳوڻي سينيٽر ياسمين پنهنجي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته  مون ۽ منهنجي گهر واري پپو شاهه سدائين ٽنڊوباگو جي عوام جي خدمت ڪئي آهي، هن چيو ته اسان جا سياسي مخالف سدائين اسان خلاف ڪريل حرڪتون ۽ سازشون ڪندا آهن. هن چيو ته کيس سپريم ڪورٽ مان ڪابه نااهلي جي سزا نه ملي آهي پر منهنجي مخالفن اليڪشن ٽربيونل ۾ منهنجي خلاف سازش ڪري منهنجو فارم رد ڪرايو آهي. آئون اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي خلاف اڄ اعليٰ عدالت ۾ اپيل داخل ڪرڻ وڃي رهي آهيان. اميد آهي ته اعليٰ عدالت مون سان انصاف ڪري منهنجو فارم بحال ڪري ڇڏيندي.