محمد عمر چنڊ هڪ عالم، محقق

0
242
محمد عمر چنڊ هڪ عالم، محقق

افسوس سائين محمد عمر چنڊ صاحب هاڻ هن دنيا ۾ ناهي رهيو، سائين محمد عمر چنڊ صاحب جون حُرتحريڪ جي تاريخ لاءِ ڪيل خدمتون وساري نه ٿيون سگهجن. ذاتي طور مونسان سائين جو آخر تائين رابطو رهيو ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي هئي، سندس ادبي خدمتن جو مختصر احوال هن طرح آهي.

محمد عمر چنڊ ضلعي سانگهڙ جي تعلقي سنجهوري (هاڻوڪي تعلقي ڄام نواز علي خان)  جي ”پراڻي نئون آباد“ ڳوٺ ۾ 21سيپٽمبر 1944ع ڌاري ڄائو. (سرڪاري روينيو رڪارڊ ۾ هن ڳوٺ جو نالو ”ڌڻي پرتو راڄپر“ ڄاڻايل آهي، جو اڳي ڪنهن وقت اتي راڄپر رهندا هُئا. هيءُ ڳوٺ ”ديهه 49 جمڙائو“ ۾ آهي.

محمد عمر ابتدائي تعليم نئون آباد ۾ حاصل ڪئي. نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد، نواب شاھه لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول کان هلندي نيٺ ڪنڊياري جي اسڪول ۾ ڪجھه وقت پڙهيو جتي ٻين استادن کان علاوه استاد الهه بخش سهتي به پڙهايو ٿي. جنهن سان خصوصي طور سندن ادب، احترام ۽ نيازمنديءَ جو تعلق آخري وقت تائين رهيو. ڪنڊياريءَ کان پوءِ ٽنڊي ڄام جي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. ٽنڊي ڄام مان ئي مئٽرڪ جو امتحان خانگي اميدوار طور 1961ع ۾ پاس ڪيائين. وري سچل سرمست سائنس ڪاليج ۽ (پري مييڊيڪل) لاءِ، ۽ ٽي سال سنڌ ايگريڪلچر ڪاليج جون حاضريون ڀريندي، ۽ تعليم جا ميدان بدلائيندي، نيٺ سروري اسلاميه ڪاليج هالا نوان مان انٽر آرٽس 1966ع ۾ پهرين پوزيشن سان پاس  ڪيائين. اُتان ئي 1968ع ۾ بي.اي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين، ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي ڊپارٽمنٽ ۾ داخلا ورتائين، پر سگهوئي انٽر ونگ ايڪسچينج (اوڀر _ اولهه پاڪستان جي پرڳڻن ۾ ڏي وٺ) جي رٿا واري اسڪالرشپ (Inter-Wing Exchange Programme) هيٺ 1968ع ۾ ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو. جتان 1970ع ۾ ايم. اي انگريزي ادب ۾ پوزيشن سان حاصل ڪيائين.

سال 1971ع ۾ پهريائين سروري اسلاميه ڪاليج  هالا ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي سڏ تي ليڪچرر مقرر ٿيو، پر سگهوئي هيءُ ڪاليج سنڌ سرڪار جي تحويل ۾ ڏنو ويو ۽ سرڪاري عملدارن پنهنجي خباثت واري طريقهءَ ڪار تي ڪاليج جي استادن کي سزا طور سنڌ جي پرانهن ڪاليجن ۾ بدلي ڪري ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو، ان سزا جي حصي ۾ محمد عمر ڪجهه وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ موڪليو ويو جتي انگريزي پڙهايائين. پر سائين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي آڇ تي وري پهرئين جنوري 1972ع کان سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۽ ريسرچ ۾ شامل ٿيو ۽ اُتي پڙهائڻ لڳو. 1973ع ۾ آمريڪا جي يونيورسٽي آف الينواءِ (University of Illinois, Urbana-Champaign)ويو، جتان ٽيچنگ آف انگلش ايز اي سيڪنڊ لينگويج (Teaching of English as a Second Language) ۾ ماسٽرز ڪرڻ کانپوءِ پي. ايڇ. ڊي جو ڪورس شروع ڪيائين، پر مالي صورتحال جي غير موافق هُئڻ ڪري ان مهم کي اڌ ۾ ڇڏي، ايران ۾   1975ع کان 1979ع تائين انگريزي پڙهايائين.

ڪجهه وقت وطن ۾ رهڻ کان پوءِ وري 1980ع ۾ عراق ۾ موصل يونيورسٽيءَ ۾ پڙهايائين. 1982ع ۾ واپس وطن اچي سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌ ايگريڪلچرل يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ پڙهايائين. سال 1985ع کان 1998ع تائين برونائي دارالسلام ۾ پڙهايائين. آخر ۾  نيوزيلينڊ ۾ هو جتي پنهنجي تحقيق ۽ تعليم جي ڪم ۾ رُڌل رهيو.جتي هن پنهنجو دم ڌڻي حوالي ڪيو ۽ سندن تدفين جو بندوبست به اتي ئي ڪيو ويندو.

محمد عمر چنڊ جي علمي ۽ ادبي مُسافري جي سلسلي ۾ چئجي ته سندُس پهريون مضمون ”شاھ عبداللطيف جي ڪلام ۾ عشق حقيقيءَ جو تصور“ جي عنوان سان 1959 ڌاري ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز طرفان نڪرندڙ رسالي ۾ ڇپيو (جنهن زماني ۾ هو ٽئين درجي انگريزي ۾ پڙهندو هو، اڄڪلهه جي ستين ڪلاس ۾). ان کان پوءِ سندس ڪي مضمون جيجي زينت عبدالله چنه جي ”مارئي“ رسالي ۾ ڇپيا، ۽ پوءِ ماهنامه ”هلال پاڪستان“، ماهنامه ”نئين زندگي“،ٽماهي رسالي مهراڻ، ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپجندا رهيا. پروفيسر غلام مصطفيٰ شاھه صاحب ۽ محمد ابراهيم جوئي صاحب ۽ ٻين ”عورت ۽ نئين ٽهي“ يا اهڙي ڪنهن موضوع تي ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن لاءِ پاڻ ”مارئي ۽ نئين ٽهي“ جهڙي ڪنهن عنوان سان مقالو لکي پڙهيائون جيڪو ان زماني ۾ ڪانفرنس جي طرفان ڇپيل ڪتاب ۾ شامل ٿيو، پوءِ وري علي محمد چنا صاحب نئين زندگيءَ رسالي ۾ ٻيهر ڇاپيو. 1985ع ۾ سندس ڪتاب لسانيات جي موضوع تي ”لسانياتي جاگرافي ۽ ٻوليءَ جون آراڌايون…“ وغيره جهڙي نالي سان(1985ع) ۾ ڇپيو جيڪو هاڻي سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جي طرفان ”سنڌي ٻولي: لسانياتي جاگرافي، (ٻوليءَ جون) آراڌايون ۽ لفظي ترتيب“ جي نالي سان (2004ع) ۾ سڌاري وڌائي ڇپيو ويو.۽ دين اسلام تي ڪجھه ڪتاب سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ لکيا اٿس، جيئن ”عبادت، نماز ۽ دعا“ جيڪو علي نواز گهانگهري صاحب ”روشني پبليڪيشن“ طرفان 2010ع ۾ ڇاپيو آهي، ۽ انگريزيءَ ۾ ڪتاب روزن ۽ حلال ۽ حرام بابت تورات، انجيل ۽ قرآن جي احڪامات بابت ٻه ڪتاب، ٻارن تي دهشت جي خلاف هڪڙو ڪتاب ۽ ڌرتيءَ تي فساد نه پکيڙيو جهڙي نالي سان انگريزيءَ ۾ ڪتاب (Fasad: Laa Tufsidoo Fil Ardh ba’ad islaahihaa) جنهن کي سائين محمد ابراهيم جوئي صاحب سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽيءَ حيدرآباد جي طرفان جون 1990ع ۾ ڇپرائي مفت تقسيم ڪيو. حر تحريڪ جي سلسلي ۾ سندس مضمون ”جهونگار“ ۽ ”منصور“رسالن ۾ ڇپجندا رهيا آهن، پر محمد عمر (2003ع ۾) پاڪستان نيشنل ڊاڪيومنٽيشن سينٽر (ڪيبينيٽ ڊويزن) اسلام آباد مان حرن بابت اُهي ڪاغذات يا ڊاڪيومنٽس حاصل ڪري کڻي آيو جيڪي انڊيا آفيس لائبرري مان (جن کي عرف عام ۾ ليمبرڪ پيپرز ٿو چئجي)، ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن (سکر، حيدرآباد، ٿرپارڪر، نوابشاھه ۽ ڪراچيءَ ڪليڪٽرن ۽ پوليس سپرنٽنڊنٽن ۽ سي آءِ ڊي جي ادارن، ۽ گورنر هائوس کان حاصل گهُرائي (آرڪائوز Archives) طور رکيا ويا آهن. انهن ڪاغذن بابت سندس مضمون سنڌي ادبي بورڊ جي سه ماهي رسالي ”مهراڻ“ ۽ سنڌ يونيورسٽي جي گراس روٽس (Grassroots) ميگزن، ۽ همدرد يونيورسٽي ڪراچي جي رسالي ”هسٽاريڪس“ (Historic us) ۾ ڇپيا. اهڙيءَ طرح سنڌ وارا انهن ڪاغذن جي موجودگيءَ کان روشناس ٿيا.

انهي ڪوشش کان اڳ 1992 ۽ 1993ع ۾ محمد عمر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان حر تحريڪ بابت انٽرويو ڪيا هُئا. انهن انٽرويوز تي مُشتمل ڪتاب مرتب ڪيو ويو جيڪو سال (2003ع ۾) ”حر تحريڪ: انگريز سامراجيت خلاف حرن جي سؤ ساله جنگ“ نالي سان علي راز شر صاحب ”مشعل پبليڪيشن“ مان ڇاپيو. ان کان پوءِ سندن وڏو ڪارنامو حر تحريڪ متعلق انگريزي ءَ ۾ ڪتاب (Brutality of British Empire) آهي، جيڪو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو حيدرآباد مان 2010ع ۾ ڇپيو، ۽ ٻيا مضمون يا ڪتاب لکڻ ۾ مصروف آهي.

حرن متعلق انگريزن جي اهڙي رويي متعلق بيٺڪي سامراج جي مقامي خيرخواهن جيڪي ڳالهيون لکيون ٿي سي هڪ قابض قوم جي نقطه نظر سان لکيل تاريخ جو حصو هُيون. چنڊ صاحب جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اهو انگريز سامراج جي ڳٽن کان سنڌ قوم جي جان ڇڏائڻ جي هڪ تاريخ آهي. اهي ٻئي ڪتاب ڄڻ ته انگريزن جي سامراجي پروپيگنڊائي لکتن جي خلاف سنڌي ۽ انگريزي ٻولين ۾ مدلل جواب آهن. حر جماعت بابت انهن ٻن ڪتابن کان سواءِ سندن ٻيا /ڏسو صفحو 7 بقايا 01

ڪيترائي  مقالا  ۽ مضمون اسان جي ڪتابي سلسلي ”جهونگار“ جي مختلف اشاعتن ۾ ڇپجي چُڪا آهن. پاڻ نيوزيلينڊ  مان 2003ع ۾  اچي 2006 جي نومبر تائين سنڌ ۾ ويٺا انهيءَ ڪري ويٺا رهيا ته جيئن حر تحريڪ تي وڌيڪ تحقيق ڪري ڪتابي صورت ۾ انگريزي توڙي سنڌيءَ ۾ آڻي سگهجن.