ڪراچي (رپورٽر) نامياري ليکڪ محمد علي پٺاڻ جي ٽي وي ڊرامن جي ڪتاب “اوڌر جي ماءُ” جي مھورتي تقريب گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، جوڳي موڙ، قائد آباد، ڪراچي پاران ڪئي وئي، پروگرام جي صدارت برک شاعر ۽ ماحوليات جي اسپيشل سيڪريٽري احمد سلطان کوسي ڪئي. جنھن ۾ خطاب ڪندي ھن چيو ته محمد علي پٺاڻ سنڌي ادب جي گهڻ پاسائين شخصيت آهي ۽ ھڪ ئي وقت بھترين شاعر، ڪھاڻيڪار، ڊرامانگار ۽ ڪالم نگار آهي. “اوڌر جي ماءُ” ھن جو شاندار ڪتاب آهي. جنھن ۾ ھن تحرير ڪيل پنھنجن ٻن  ڊرامن اندر سماج جي اوڻاين جي نه رڳو وڏي گھرائيءَ سان نشاندھي ڪئي آهي، پر انھن جو روشن خيال اديب جو فرض نڀائيندي حَلُ پڻ ٻڌايو آهي. خاص مھمان ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ چيو ته، محمد علي پٺاڻ ھڪ پلصراط تان گذري ھي ڊراما لکيا آهن. جن ۾ اسان جي سوسائٽيءَ جي درد ۽ ڪرب کي ان انداز ۾ پيش ڪيو اٿائين، جو ھر ماڻھوءَ کي اھو پنھنجو سورُ محسوس ٿئي ٿو. مزاح لکڻ سولو ناهي. ھن “اوڌر جي ماءُ” لکي ھر ٽھڪ کي نپوڙي ان مان ھڪ ھڪ ڪري ڳوڙها وھايا آهن. جيڪو ھن جي لکت جو ڪمال آھي. پروفيسر امير علي لاشاريءَ چيو ته، محمد علي پٺاڻ ھن دور جو سڄاڻ ليکڪ آهي. سندس ٻين ڪتابن وانگر ھي ڊرامن جو ڪتاب به سنڌي ادب جي تاريخ جو ان حوالي سان اھم ڪتاب شمار ڪيو ويندو، ته ھن ۾ ڪردارن ذريعي ھن پنھنجي پوري دور جي عڪسبندي ڪئي آهي. محمد ھاشم سولنگيءَ چيو ته، ڊرامن جي ھن ڪتاب ۾ ٽرئجڊي به عروج تي آھي، ته مزاح به. جنھن ۾ طنز جي نشتر به پڙھندڙ جي روح کي زخمي ڪري ٿي. جاويد شيخ چيو ته، ڪتاب ۾ ٻوليءَ جا مُحاورا، استعارا ان جي خوبصورتيءَ ۾ اضافو ڪن ٿا. جن مان ليکڪ جي لکت جي قابليت جو اندازو ٿئي ٿو. زبير ڪلوڙ چيو ته، محمد علي پٺاڻ پنھنجي لکڻين ۾ ھر موضوع سان نڀاءُ ڪيو آهي. ھو ڊاڪٽر شير مھراڻي چواڻي سماجي سائنسدان ليکڪ آهي. ھي ڊراما پڻ ھر لحاظ کان ڪامياب ۽ اڻ وسرندڙ آهن. ڊاڪٽر زيد پيرزادي چيو ته، اديب سماج جي انھن پاسن کي آڏو آڻيندو آهي، جنھن کان سماج پاسيرو ھوندو آھي. جنھن کان محمد علي پٺاڻ بخوبي واقف آهي ۽ ھن جو قلم سدائين ان حوالي سان متحرڪ رھيو آھي. محمد علي پٺاڻ چيو ته، مان سانڀر ۾ اچڻ سان ادب سان لاڳاپيل رھندو آيو آهيان ۽ عمر جي ھنن پڇاڙڪن پھرن ۾ به ڏينھن رات ادب پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ مشغول رھان ٿو. ڪڏهن به پاڻ کي وڏو اديب نه سمجهيو اٿم. بس، اھائي آس ۽ ڌڻيءَ کان دعا آهي، ته شل حياتيءَ ۾ پنھنجا سڀ ڪتاب ڇپيل صورت ۾ ڏسي پوءِ اکيون پُوريان. تقريب ۾ مٿين کان علاوه ضياءُ ابڙي، عمر ميمڻ، مير حسن ڊومڪي، نظير اوڍي، سيد آصف، عامر خان، سعيد سلطان، عبدالرئوف، وارث رضا  ۽ ٻين شرڪت ڪئي.