محمد رضوان ۾ چالاڪي ۽ ڦڙتي ٻئي آهن: شعيب اختر

0
133

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر کي به پنهنجو مداح بڻائي ڇڏيو آهي. زمابوي خلاف پهرين ٽي ٽوئنتي ميچ ۾ شاندار پرفارمنس ڏيکاريندڙ محمد رضوان تي تصبرو ڪندي شعيب اختر چيو ته محمد رضوان ۾ چالاڪي ۽ ڦڙتي ٻئي آهن. هن چيو ته رضوان کي خبر آهي ته ڪهڙي ريت کيڏڻو آهي ۽ راند کي ڪيئن آخري بال تائين پهچائڻو آهي. شعيب اختر چيو ته عثمان قادر شاندار بالنگ ڪئي، جيڪڏهن هو وڪيٽون نه وٺي ها ته پاڪستان ميچ نه کٽي سگهي ها.