سنچورين (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته محمد رضوان روزي جي حالت ۾ به ڪيپنگ ۽ بيٽنگ ڪندو رهيو.ڪپتان بابراعظم چيو آهي ته ڏکڻ آفريقا کان ٽئين ٽي ٽوئنٽي ۾ محمد رضوان غيرمعمولي اننگز کيڏي، هو روزي جي حالت ۾ به ڪيپنگ ۽ بيٽنگ ڪندو رهيو. بابر چيو ته اسان ڪارڪردگي جي معيار ايندڙ ميچ ۾ به برقرار رکڻ لاءِ تيار آهيون.