ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان به ٽي ٽوئينٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ ڀارتي سپر اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي جو تيز ترين 2 هزار رنز وارو رڪارڊ ٽوڙي ۽ بابراعظم سان رڪارڊ برابر ڪري ورتو. انگلينڊ خلاف سريز جي پهرين ٽي 20 انٽرنيشنل ميچ ۾ محمد رضوان تيز ترين 2 هزار رنز جو ڪپتان بابراعظم جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو. محمد رضوان 46 بالن تي 68 رنز جي اننگ کيڏي جنهن ۾ 6 چوڪا ۽ هڪ ڇڪو شامل هو. محمد رضوان 52 اننگز ۾ 2 هزار رنز ٺاهي بابراعظم جو رڪارڊ برابر ڪيو جڏهن ته ويرات ڪوهلي جو رڪارڊ ٽوڙيو، ويرات ڪوهلي 56 ٽي 20 اننگز ۾ 2 هزار رنز مڪمل ڪيون هيون.