ڪراچي (اسپورٽس نيوز)  قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيف سليڪٽر محمد وسيم پاران محمد حارث جي چونڊ کي بيوقوفاڻو فيصلو قرار ڏئي ڇڏيو.  شاهد آفريدي هڪ بيان ۾ چيو ته اهو سندس احمقانه فيصلو هو، هن چيو ته مان رميز راجا کي اهو نه چوندس پر جيڪڏهن محمد وسيم ٻڌي رهيو آهي ته کيس چوان ٿو ته ائين نه ڪري.  هن چيو ته توهان اهڙو رانديگر ڇو کيڏائي رهيا آهيو جنهن ون ڊي ڪرڪيٽ لاءِ 2 ٽي 20 ميچن ۾ پرفارم ڪيو هجي؟ ڇا پاڪستان جي ڪيپ حاصل ڪرڻ ايترو آسان آهي؟ هن چيو ته قومي ٽيم ۾ نوجوان رانديگرن کي شامل ڪرڻ جي خلاف ناهيان پر هنن کي ڊوميسٽڪ کيڏي تجربو حاصل ڪرڻ ڏنو وڃي.