لنڊن(م ڊ) دفاع واري وزير خواجا آصف الزام ھنيو آھي  ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جو دورو عمران خان جي ڌرڻي واري اعلان سبب ملتوي ٿيو. پنهنجي ٽويٽ ۾ خواجا آصف چيو ته عمران خان 7 سال اڳ پهرين ڌرڻي ذريعي چيني صدر جو دورو ڪينسل ڪرايو هو،  هاڻي 21 نومبر واري ڌرڻي جي اعلان سان سعودي ولي عهدي ۽ وزيراعظم جو دورو ملتوي ڪرايو. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پنهنجن مفادن کانسواءِ ٻي سوچ نه ٿو رکي، هي شخص ملڪ جي خلاف ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي