اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) سنڌ مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر محمد بخش خان مهر 900 تولا، علي نواز مهر 800 تولا، علي گوهر خان  مهر 500 تولا، ناصر شاهه 464 تولا،  سردار خان، چانڊيو 500 تولا  سون هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته طارق علي ٽالپر هڪ ڪلو سون ظاهر ڪيو آهي، تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل اثاثن موجب سنڌ مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبرن ۾ محمد ميان سومرو 5 لک رپين جي ماليت جو سون ظاهر ڪيو آهي، عابد ڀيي 115 تولا، بلاول ڀٽو زرداري 150 تولا سون، 7 واچون، نعمان اسلام شيخ 57 تولا، آفتاب ميراڻي هڪ لک ماليت جو سون، عامر مگسي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جو سون، پير فضل شاهه جيلاني 35 تولا، جاويد شاهه جيلاني هڪ لک 20 هزار ماليت جو پراڻي وقت ۾ خريد ڪيل سون ظاهر ڪيو آهي، ابرار شاهه 600 گرام، ذوالفقار بهڻ 20 تولا، نويد ڏيرو 100 تولا، روشن جوڻيجو  هڪ هزار گرام سون، علي نواز شاهه 80 تولا، نواب يوسف ٽالپر 300 تولا، پير نور محمد شاهه گهرواريءَ وٽ سون ظاهر ڪيو آهي پر ان جو مقدار ۽ ماليت نه ڄاڻائي آهي، مهيش ملاڻي 17 تولا سون، ذوالفقار بچاڻي 60 تولا، سيد حسين طارق 165 تولا ، صابر قائمخاني 75 تولا ، حيدرآباد مان چونڊيل ايم ڪيو ايم جي ميمبر صلاح الدين 6 لک 38 هزار رپين جو سون، سيد نويد قمر، 50 تولا ، مير غلام علي ٽالپر 35 تولا ، سيد اياز علي شاهه شيرازي 400 گرام سون، سڪندر هاليپوٽو 50 تولا سون، عرفان لغاري 20 تولا ، رفيق جمالي 410 گرام سون، ڄام عبدالڪريم بجار 60 تولا ، آغا رفيع الله 7 تولا ، علي زيدي 80 تولا ، عبدالقادر پٽيل 17 تولا ، امين الحق 50 تولا ، آفتاب جهانگير 12 تولا ، اسامه قادري  17 لک رپين جو ، خالد مقبول صديقي 15 لک رپين جو سون، لال مالهي 80 تولا، رميش ڪمار وڪواڻي 22 تولا ، جئي پرڪاش 200 تولا،  ڊاڪٽر درشن لال 70 تولا ، کيئل داس ڪوهستاني 15 تولا، رميش لال 50 تولا، سهراب سرڪي 30 تولا سون ظاهر ڪيو آهي، مير ممتاز حسين 70 تولا سون، عبدالرئوف کوسو 19 تولا، عابد سندراڻي 50 تولا سون، شبير بجاراڻي 100 تولا سون، شهريار مهر 130 تولا ، سراج دراني 7 لک 50 هزار جو سون، فريال ٽالپر 3540 گرام سون، معظم عباسي 100 تولا ، سهيل انور سيال 120 تولا ،  حزب الله ٻگهيو 87 تولا ، نادر مگسي 40 لک رپين جو سون ، گهنور خان اسراڻ 20 تولا، سردار خان چانڊيو 500 تولا سون، برهان چانڊيو 200 تولا، شهريار شر 20 تولا ، باري پتافي 16 تولا سون، علي گوهر خان مهر 500 تولا سون، علي نواز مهر 800 تولا ، ڄام اڪرام الله ڌاريجو 650 گرام سون ظاهر ڪيو آهي،  سيد اويس قادر شاهه 50 تولا ، سيد فرخ احمد شاهه 90 تولا ،  ناصر احمد 464 تولا ، سيد قائم علي شاهه 400 گرام ، منور وساڻ 20 تولا ، ساجد ٻانڀڻ 50 تولا ، رفيق ٻانڀڻ 14 تولا ، سيد احمد رضا شاهه جيلاني 20 تولا سون، نعيم کرل  400 گرام سون، سيد راشد شاهه 50 تولا ، سرفراز حسين شاهه 20 تولا ، نوشهري فيروز مان چونڊيل سيد مراد علي شاهه 290 تولا ، ممتاز چانڊيو 100 تولا ، طارق مسعود آرائين 2 لک 50 هزار جو سون، غلام قادر چانڊيو 450 گرام سون، علي غلام 23 تولا، قاضي شمس الدين 60 تولا ، فراز ڏيرو وٽ 100 تولا ، شاهد ٿهيم 500 گرام، وريام فقير 20 تولا، هري رام 250 گرام سون، ذوالفقار علي شاهه 10 تولا ، ، نور احمد ڀرڳڙي 550 تولا، طارق ٽالپر هڪ ڪلو سون، سيد سردار علي شاهه 155 تولا ، تيمور ٽالپر 100 تولا سون، عبدالرزاق 20 تولا، فقير شير محمد بلالاڻي 25 تولا سون، 300 تولا چاندي، ارباب لطف الله 60 تولا سون، مخدوم محبوب الزمان 500 گرام، مخدوم رفيق الزمان 20 تولا، امداد علي پتافي 235 گرام سون، ڄام خان شورو 50 تولا سون، شرجيل ميمڻ 250 تولا، جن ۾ 150 تولا شرجيل انعام ميمڻ وٽ ۽ 100 تولا سندس گهرواريءَ وٽ، عبدالجبار خان 25 تولا ، نعيم صديقي 20 تولا، راشد خلجي 130 گرام، سيد اعجاز حسين شاهه 3 لک رپين جو سون، عبدالڪريم سومرو 30 لک رپين جو سون، بشير هاليپوٽو 32 تولا سون، مير الله بخش ٽالپر  50 تولا سون، حسنين مرزا 41 تولا سون، تاج محمد 5 تولا سون، اسماعيل راهو 100 تولا سون، سيد شاهه حسين شاهه 350 گرام سون، محمد علي ملڪاڻي 40 تولا سون، سيد رياض حسين شاهه 30 تولا سون، علي حسن 50 تولا سون، ڄام اويس جوکيو 20 تولا سون، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 100 تولا سون، گيانو مل 15 تولا، ملڪ اسد سڪندر 60 تولا سون، عبدالعزيز جوڻيجو 110 تولا ، فياض علي ٻٽ 175 گرام سون،  پير مجيب الحق 234 گرام سون، پير صالح شاهه جيلاني 30 تولا ، ساجد جوکيو 5 تولا ، حليم عادل شيخ 35 تولا ، ڪريم بخش گبول هڪ لک 10 هزار رپين جو سون، فردوس نقوي 58 لک جو سون، هڪ ڪروڙ 86 لک جا بانڊ،  سعيد غني 100 تولا ، محمد يونس سومرو 10 تولا ، همير سنگهه 100 تولا، مڪيش ڪمار چاولا 15 لک جو سون، لال چند اڪراڻي 200 تولا ، نويد انٿوني 30 تولا، سريندر ولاسائي 3 لک رپين جو سون، سنجي گنگواڻي 40 تولا سون، سنجي پارواڻي 253 تولا سون، سينيٽر سليم مانڊوي 112 تولا سون،  سينيٽر مظفر شاهه 135 تولا، مولا بخش چانڊيو 70 تولا، مصطفيٰ نواز کوکر 40 تولا سون ظاهر ڪيو آهي، محمد علي شاهه ڄاموٽ 200 تولا، رضا رباني 238 تولا، فاروق نائيڪ 100 تولا، مرحوم سڪندر منڌرو 4 تولا، رخسانه زبير 12 لک 25 هزار رپين جو سون، پنهنجي اثاثن ۾ ظاهر ڪيو آهي،

اسلام آباد: قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ سنڌ  اسيمبلي ۾ چونڊيل عورت ميمبرن مان بلوچستان مان چونڊيل عاليه ڪامران پاڻ کي هڪ ڪلو سون جي مالڪ ڄاڻايو آهي، شرميلا فاروقي 300 تولا، شيزا فاطمه خواجا 210 تولا، زيب   جعفر، نزهت پٺاڻ ، حنا دستگير  ٻه ٻه سئو تولا، شگفته جماڻي 100 تولا، شيري رحمان 190 تولا سون ظاهر ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل تفصيلن مطابق سنڌ مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر سيده نفيسا شاهه 400 گرام سون، شازيه مري 25 تولا سون، فهميده مرزا 146 تولا ، شمس النساءَ ميمڻ 15 هزار رپين جي ماليت ڪري دهري، شگفته جمالي 100 تولا ، نصيبا چنا 5 تولا سون ظاهر ڪيو،  ناز بلوچ 37 تولا ، شاهده رحماني 200 گرام ،  مهرين ڀٽو 50 تولا ، شازيه صوبيه سومرو 18 تولا سون، شميم آرا پنهور ساڍا 13 تولا ، نزهت پٺاڻ 200 تولا سون، عذرا فضل پيچوهو پاڻ ۽ مڙس وٽ  90 تولا سون پنهنجي اثاثن ۾ ظاهر ڪيو آهي،  سنڌ اسيمبلي جي عورت ميمبرن مان شهلا رضا 8 تولا ، ريحانه لغاري 4 تولا سون، حنا دستگير 200 تولا سون، ندا کهڙو 7 لک 50 هزار جو سون، شازيه عمر 5 تولا سون، غزاله سيال 10 تولا سون، شميم ممتاز 27 تولا سون، فرحت سيمي 466 گرام سون، تنزيلا ام حبيبه 8 تولا سون، ڊاڪٽر سجيلا لغاري 15 تولا سون، شرميلا فاروقي 300 تولا سون، سيده ماروي فصيح 50 تولا سون، هير سوهو 35 تولا سون، ڪلثوم چانڊيو 38 تولا، منگلا شرما 10 تولا سون پنهنجي اثاثن ۾ ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته مريم اورنگزيب 32 تولا، عائشه غوث پاشا 10 تولا ، مسرت آصف خواجا 90 تولا سون، شيرين مزاري 60 تولا سون، عندليب عباس 50 تولا، ملڪه بخاري 50 تولا سون، حنا رباني کر تحفي ۾ مليل 31 تولا سون، عاليه ڪامران هڪ ڪلو سون، شهناز بلوچ 10 تولا سون، سينيٽر شيري رحمان 190 تولا سون، قرت العين مري 75 تولا  سون پنهنجي اثاثن ۾ ظاهر ڪيو آهي.