محرم راز … “ماني …. ماني …. ماني”

0
207
محرم راز ... “ماني .... ماني .... ماني”

 ڪراچي جي علائقي سائيٽ ايريا ۾ زڪوات ۽ مفت راشن جي ورهاست دوران ڀاڄ پوڻ جي ڪري 12 ماڻهو فوت ٿي ويا، جن ۾ 9 عورتون ۽ 3 ٻارڙا شامل آهن. ان خبر کي پاڪستاني ميڊيا ۾ اها اهميت نه ڏني وئي، جنهن جي اها مستحق هئي. ميڊيا تي سپريم ڪورٽ جي داخلي بحران جي باري ۾ خبرن ۽ ان تي کِل جوڳن تبصرن کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي ۽ وڌيڪ وقت ڏنو ويو. اسان پنهنجي انهن مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن جي مظلوميت تي ماتم ڪو نه ڪيو، جن کي ماني جي بدران موت مليو. اسان پڻ سپريم ڪورٽ جي خبرن ۾ الجهيل رهياسين، ڇو ته اسان “گلوبل سرويلنس پروگرام” جا روبوٽ آهيون. اسان جي سوچ ۽ اسان جا جذبا ميڊيا ذريعي ڪنٽرول ٿين ٿا. ميڊيا ماني جي بدلي موت جي واقعي کي اهميت ڪا نه ڏني ۽ اسان کي “انساني جذبن” کي اڀارڻ لاءِ ڪا ڪمانڊ نه ملي، تنهنڪري اسان ان عظيم الميي تي غمگين ۽ ڏکارا نه ٿياسين.

                 هونئن ته عالمي سامراج باقاعده طور تي “گلوبل سرويلنس اسٽيٽ” جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي ۽ اهو پنهنجي اشرافيه (Illuminati) جي ذريعي سڄي دنيا کي ڪنٽرول ڪندو آهي. اهو ميڊيا ڪمپنين، وڏين ڪارپوريشنز، آئل ڪمپنيز، فنانشل انڊسٽريز، ٽين دنيا جي رياستي ادارن ۽ سياستدانن جي ذريعي هر شيءَ کي ڪنٽرول ڪندو آهي. ان ڪنٽرول جي خلاف دنيا جي هر ملڪ ۾، ايتري قدر جو آفريڪي ۽ لاطيني آمريڪي ملڪن ۾ به ٿوري گهڻي مزاحمت موجود آهي پر پاڪستان دنيا جي انهن چند ملڪن ۾ شامل آهي، جتي اها مزاحمت پساهه پورا ڪري چڪي آهي. هتي جا اصل حڪمران پاڻ سامراجي ۽ انهن جا نوآبادياتي حڪمران بڻجي ويا آهن، غريب اڪثريت مانيءَ جي لاءِ سِڪي رهي آهي ۽ اصل حڪمران پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ هر حد پار ڪري چڪا آهن. اهي هر حال ۾ حقيقي جمهوري ۽ سياسي عمل کي روڪڻ چاهين ٿا. سياسي منظرنامي تي 75 سالن کان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ۽ هاڻي جيڪو ڪجهه سپريم ڪورٽ ۾ ٿي رهيو آهي، اهو اصل حڪمرانن جو پتلي تماشو آهي، ته جيئن ماڻهو ماني جي بدلي موت جي الميي تي توجهه نه ڏئي سگهن.

اسان جا حقيقي حڪمران “سيسل جون رهوڊز” (Rhodes) جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. جون رهوڊز 19هين صديءَ ۾ هڪ برطانوي واپاري هو، جنهن ڏکڻ آفريڪا ۾ وڃي نه صرف تمام گهڻي دولت ڪمائي پر اهو ڪيپ ڪالوني جو وزيراعظم پڻ بڻيو. رهوڊز نوآبادياتي علائقن کي بيرحمي سان لٽڻ جو حامي هو. 1896ع ۾ هن اهڙي بيرحماڻي ڦرلٽ جو جواز ٺاهڻ لاءِ هن لکيو هو ته، “آئون لنڊن جي اڀرندي علائقي ۾ بيروزگارن جي هڪ اجلاس ۾ شريڪ ٿيس ۽ مون اتي پُرجوش تقريرون ٻڌيون. ماڻهو مسلسل دانهون ڪري رهيا هئا “ماني…. ماني…. ماني…..”. گهر واپس ويندي مون ان معاملي تي غور ڪيو. ان کانپوءِ آئون سامراجيت جو وڌيڪ حامي ٿي ويس. منهنجو خيال آهي ته برطانيه ۾ اسان کي پنهنجي اولاد کي بيروزگاري ۽ گهرو ويڙهه کان بچائڻ لاءِ بيٺڪيتن ۾ وڌيڪ ڦرلٽ ڪرڻ گهرجي ۽ انهن جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضو ڪرڻ گهرجي.” پوءِ جون رهوڊز اهو ئي ڪيو. ڏکڻ آفريڪا کي ان بُک ۽ گهرو ويڙهه ۾ ڌڪي ڇڏيو ۽ سون جي ڪاروبار جي نالي تي تمام گهڻي دولت انگلينڊ منتقل ڪئي. انهن سامراجين جي ڪري آفريڪا، ايشيا، لاطيني آمريڪا اڄ بُک انتشار جو شڪار آهن. اتي ماڻهو “ماني… ماني… ماني…” جون دانهون ڪري رهيا آهن. اسان جا ڪارا حڪمران جيڪي رهوڊز وانگر نه صرف هتي جي دولت لٽي يورپي ملڪن ۾ منتقل ڪري رهيا آهن پر پنهنجي اولاد کي اتي سيٽ ڪري رهيا آهن. ڪڏهن اهي مذهب جي نالي تي قومي يڪجهتي جو نعرو هڻن ٿا ۽ پاڪستان جي قديم رهواسين جي سڃاڻپ کي ميسارين ٿا. ڪڏهن اهي ملڪي سلامتي جي نالي تي جمهوريت کي ملڪ لاءِ خطرو قرار ڏين ٿا ۽ ڪڏهن اهي آئين تي حمله آور ٿين ٿا. ڪڏهن اهي سڌي ريت مارشل لا لڳائي جمهوري حڪومتن جو خاتمو ڪن ٿا ۽ ڪڏهن جمهوري حڪومتن کي هٽائڻ لاءِ عدالتي فيصلا وٺن ٿا. جمهوري ۽ سياسي قوتن کي چٿڻ لاءِ انهن دهشتگردي جو مستقل عمل (Phenomenon) شروع ڪيو آهي ۽ دفاع جي نالي تي پاڪستان کي جمهوري بدران سيڪيورٽي رياست بڻائي ڇڏيو آهي. هاڻي اهي اصل حڪمران پنهنجي تضادن جو شڪار آهن ۽ انهن تضادن کي به ملڪ ۽ قوم کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪو رخ ڏئي رهيا آهن. انهن جي ٻارڙن جو اصل وطن رهوڊز جهڙن بيرحم سامراجين جهڙو وطن آهي. کين ان ڳالهه جي پرواهه ناهي ته پاڪستان جا ماڻهو سستو اٽو وٺندي مارجي رهيا آهن يا مفت راشن دوران ڀاڄ ۾ چيڀاٽجي رهيا آهن. اهي پنهنجي ڪروني (Crony) سرمائيدارن جي ذريعي مفت کاڌي جا دسترخوان لڳرائي مطئمن آهن ته انهن پنهنجي ذميواري پوري ڪري ورتي آهي.

اهي خيراتي پروگرام شروع ڪري سڄي ملڪ کي پينڙات بڻائي رهيا آهن. انهن کي “ماني… ماني… ماني…” جي رڙين سان سڪون ملندو آهي. ميڊيا انهن جي خبرن کي هلائي، “ماني… ماني… ماني…” جون دانهون دٻائي رهيو آهي. هاڻي لڳ ڀڳ 120 سالن کانپوءِ آمريڪا ۾ اها مهم هلي آهي ته سيسل جون رهوڊز جو لاش قبر مان ڪڍي ساڙيو وڃي يا برطانيه حوالي ڪيو وڃي. رهوڊز جي قبر ڏکڻ روڊيشيا (موجوده زمبابوي) جي ميٽاپوس جبل جي چوٽيءَ تي آهي. آفريڪي ماڻهن جو چوڻ آهي ته جيستائين رهوڊز جو لاش آفريڪي سرزمين ۾ دفن رهندو، آفريڪا ۾ بُک، گهرو ويڙهه، دهشتگردي، آمراڻي حڪومتن جي ظلمن جي ڪري بيگناهه ماڻهو مرندا رهندا ۽ دفن ٿيندا رهندا. آئون جنهن وقت هي ڪالم تحرير ڪري رهيو هئس، ڪراچي ۾ مفت راشن جي ورهاست دوران موت جو شڪار ٿيندڙ اسان جي مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن کي قبرن ۾ لاٿو پئي ويو. اهو سلسلو ان وقت تائين جاري رهندو، جيستائين پاڪستان جي رهوڊز کي قبرن مان ڪڍي ساڙيو نه ويندو. اهي رهوڊز، جن انصاف جو قتل ڪيو، اهي رهوڊز، جن جمهوريت جو قتل ڪيو، اهي رهوڊز، جن پاڪستان جي خودمختياري عالمي سامراجي طاقتن جي تابع ڪري ڇڏي ۽ انهن جي ايجنڊا تي هلندي ملڪ کي دهشتگردي، بُک، گهرو ويڙهه، بيروزگاري ۽ مايوسي ۾ ڌڪي ڇڏيو. مري ويل انهن سڀني رهوڊز کي قبرن مان ڪڍي سزا ڏني وڃي ۽ جيڪي زندهه رهوڊز آهن، انهن کي پنهنجي اولادن ڏانهن سيسل جون رهوڊز جي وطن روانو ڪيو وڃي. هاڻي پاڪستان ۾ “ماني… ماني… ماني…”  جون دانهون ناقابل برداشت ٿي چڪيون آهن.