محرم راز … اچو ته کيڏون(Let’s Play)

0
164
محرم راز ... وري سيارو آيو آهي!

  پاڪستان جي عوام ۽ سياسي قوتن کي عمران خان جي سياست ۾ منجهايو ويو آهي. اهي اهو ڏسي ئي نه پيا سگهن ته اسان جي پاڙي خاص طور تي افغانستان ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ۽ ان لاءِ پاڪستان تي ڪهڙا اثر پئجي سگهن ٿا. هنن کي اندازو ئي نه ٿي رهيو آهي ته پاڪستان کي وڏي طاقتن جي هڪ ٻي جنگ جو ميدان بڻايو پيو وڃي. پهرين جنگين جيان هي جنگ به عالمي طاقتن سان گڏوگڏ پاڪستان جي حقيقي مقدر حلقن جا به مقصد ئي پورا ڪندي ۽ نقصان عوام ۽ حقيقي سياسي قوتن جو ٿيندو.سامراجي قوتن جي عظيم راند (گريٽ گيم) سبب تباهي ۽ بربادي افغانستان جو ته مقدر بڻجي وئي آهي پر ان تباهي ۽ بربادي جي باهه سان پاڪستان به لازمي طور تي سڙندو آهي. افغانستان ۾ هڪ ڀيرو وري 1979ع ۽ 2001ع واريون حالتون پيدا ڪيون ويون آهن. 1979ع ۾ سوويت يونين عالمي سامراجي ڄار ۾ ڦاسي افغانستان تي حملي آور ٿيو هو ۽ آمريڪا “مجاهدن” ۽ پاڪستان تي ڊالر نڇاور ڪري اهڙي جنگ شروع ڪئي، جنهن سان سوويت يونين  ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ويو. ان جنگ سان پهريان پاڪستان ۾ فوجي حڪمران جنرل ضياءُ الحق جي اقتدار تي قبضو ڪرڻ جون حالتون پيدا ڪيون ويون. 2001ع ۾ “نائن اليون” جي واقعي جي اوٽ ۾ آمريڪا افغانستان تي حملو ڪري ڇڏيو ۽ اتان “دهشت گردي خلاف عالمي جنگ“ شروع ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان کي پهريان کان وڌيڪ ڌڪيو ويو، هن کي فرنٽ لائن اسٽيٽ بڻايو ويو ۽ دنيا تي “نيو ورلڊ آرڊر” مڙهيو ويو. ان جنگ کان اڳ پاڪستان ۾ جنرل پرويز مشرف جي اقتدار تي قبضو ڪرڻ جو سياسي ماحول بڻايو ويو.

افغانستان ۾ هن وقت صورتحال اها آهي ته طالبان جي حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي. طالبان وسيع البنياد حڪومت نھ ٺاهي سگهيا، غير طالبان سياسي گروهه ته هونئن ئي حڪومت ۾ شامل ناهي پر طالبان جا ڪيترائي ڌڙا به ان حڪومت کان ٻاهر آهن. طالبان جيڪا اسلامي امارت قائم ڪئي آهي، ان کي دنيا جي ڪنهن به حڪومت تسليم ناهي ڪيو، تسليم نه ڪرڻ باوجود دنيا چاهي ٿي ته طالبان جي حڪومت مضبوط ۽ افغانستان ۾ استحڪام اچي ڇوته دنيا کي ان تاريخي غلط فهمي ۾ مبتلا ڪيو ويو هو ته طالبان ئي افغانستان ۾ استحڪام آڻي سگهن ٿا ڇو ته ايتري وڏي طاقت آهي جو هنن سويت يونين کانپوءِ آمريڪا کي به شڪست ڏني.

عالمي طاقتن کي “شڪست” ڏيندڙ انهن طالبان کان افغانستان نٿو سنڀالجي، هنن کي پاڻ کان وڌيڪ انتهاپسند ۽ سخت گير تنظيم داعش (دولت اسلامي) کان خطرو آهي. طالبان جي حڪومت ۾ القاعده جو سربراهه ايمن الظواهري سميت القاعده جا ڪيترائي اڳواڻ قتل ٿي ويا. اهڙي طرح ڪيترن ئي وڏن طالبان اڳواڻن کي به قتل ڪيو ويو. روزاني بم ڌماڪا ۽ دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ درجنين ماڻهن کي مارڻ جون خبرون اينديون آهن. طالبان جو نه زمين تي ڪنٽرل آهي ۽ نه هوائن تي، داعش جا جنگجو مختلف طرفن کان ميزائل حملا ڪري رهيا آهن، افغانستان تي ڊرون حملا به ٿي رهيا آهن ۽ مختلف ملڪ جا جنگي جهاز افغانستان جي هوائن ۾ آزاديءَ سان اُڏامي رهيا آهن. تباهه حال معيشت ماڻهن جي زندگي برباد ڪري ڇڏي آهي. داعش جي پيش قدمي تيزيءَ سان جاري آهي.

ٻئي طرف رياست پاڪستان ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جون ڳالهيون به ناڪام ٿي ويون آهن. افغان طالبان انهن ڳالهين ۾ اميدن موجب ڪم نه ڪيو. ٽي ٽي پي جا پاڪستان ۾ حملا وڌندا پيا وڃن، اهي ضم ڪيل اڳوڻي فاٽا جي علائقن ۾ پنهنجا قدم ڄمائي رهيا آهن، هنن جو مطالبو آهي ته فاٽا جي انهن علائقن کي ٻيهر الڳ ڪيو وڃي. اهي انهن علائقن کي پنهنجي طاقت جو مرڪز بڻائڻ چاهين ٿا. ٽي ٽي پي جو داعش سان ڳٺ جوڙ وڌي رهيو آهي، افغانستان ۽ پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ داعش جو لٽريچر وڏي پيماني تي تقسيم ڪيو پيو وڃي. ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته وڏي پئماني تي جنگ جي تياري ٿي رهي آهي. يقينن اهو سڀ ڪجهه هڪ اسڪرپٽ موجب ئي ٿي رهيو آهي.

سينيئر سياستدان افراسياب خٽڪ جو چوڻ آهي ته جهڙي طرح آمريڪا ۽ هنن جي اتحادين سوويت يونين خلاف جنگ ۽ دهشتگردي جو ڪارڊ استعمال ڪيو هو، بلڪل اهڙي طرح اهي اڄ چين ۽ روس خلاف اهي ڪارڊ استعمال ڪرڻ وڃي رهيا آهن ۽ پاڪستان کي هڪ ڀيرو وري گريٽ گيم جو ميدان جنگ بڻائڻ جون حالتون بڻايون پيون وڃن. هن جو اهو به چوڻ آهي ته ان راند خلاف مزاحمت صرف قبائلي علائقن ۾ آهي، جهڙي طرح پهريان هئي. پختون تحفظ موومنٽ (پي ٽي ايم) سميت انهن علائقن جا رهواسي پهريان کان خبردار ڪري رهيا هئا ته ٻيهر اها راند کيڏي پئي وڃي. طالبان جي بالادستي خلاف وزيرستان، باجوڙ، ڪرم، اورڪزئي، دير، سوات ۽ ٻين علائقن ۾ ماڻهو پاڻ اٿي بيٺا آهن ڇوته انهن علائقن جي ماڻهن پهريان به گهڻو ڏک ۽ عذاب برداشت ڪيو آهي ۽ هاڻي به اهي حالتن کان گهڻو خوفزده آهن. ڇوته انهن علائقن ۾ طالبان پنهنجي انتظاميا قائم ڪري رهيا آهن.

افسوس جي ڳالهه اها آهي ته باقي پاڪستان ۾ ڪابه مزاحمت نه آهي. هنن کي اهڙي سياست ۾ منجهايو ويو آهي جيڪا ڪجهه عرصي کانپوءِ ھنن کان پاڻ به وسري ويندي ڇوته اهي هڪ نئين مسئلي ۾ ڦاسي پوندا. گريٽ گيم جي پنهنجي معيشت آهي، جيڪا افغانستان ۽ پاڪستان سميت خطي جي ٻين رانديگرن کي معاوضي تي ان راند ۾ شامل ڪندي آهي. ان راند جو هڪ طئي ڪيل طريقيڪار (Set Mechanism) آهي جيڪو پاڪستان، افغانستان ۽ هر رانديگر ملڪ جي داخلي سياست سان ڪنٽرول ٿيندو آهي. افغانستان ۽ پاڪستان ۾ به ان راند جون حالتون بڻايون ويون آهن، جهڙي طرح عمران خان چوندو آهي ته اچو فلاڻي اشوءَ سان کيڏون (Let’s Play). بلڪل اهڙي طرح اسان جي خطي لاءِ عالمي طاقتون ۽ هن جا مقامي رهواسي اهو چوڻ وارا آهن ته “Let’s play”. پاڪستان ۾ به سمورا رانديگر تيار آهن. پاڪستان جو عوام ۽ حقيقي سياسي قوتون اهڙي طرح ڦاٿل آهن جو هڪ ڀيرو وري اهي هن گريٽ گيم خلاف مزاحمت نه ڪري سگهنديون.