ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ موٽر سائيڪل تي ٻيلھه سواري تي 10 آگسٽ تائين پابندي، قلم 144 لاڳو، ان ڏس ۾ سنڌ جي گهرو کاتي طرفان عاشورا جي موقعي تي 10 آگسٽ تائين سڄي سنڌ ۾ موٽر سائيڪل تي ٻيلهه  سواري ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي آهي، نوٽيفڪيشن موجب صحافي، بزرگ، معذور شخص، عورتون، 12 سالن کان ننڍي عمر وارا ٻار ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار پابندي کان آجا هوندا، ايس ايچ اوز کي قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت سنڌ سوڌو سڄي ملڪ ۾ محرم الحرام دوران پاڪ فوج مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، گهرو وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت چئني صوبن جي درخواست تي ملڪ اندر محرم الحرام دوران سول انتظاميا جي مدد لاءِ آئين جي آرٽيڪل 245 تحت پاڪ فوج کي چئني صوبن، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ اسلام آباد ۾ مقرر ڪجي ٿو، صوبا توڙي آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي انتظاميا وڌيڪ نفري به مقرر ڪري سگهندي.