ڪراچي (نمائندن وٽان) حيدرآباد ۾فرشِ عزا وڇائي مجلسن ۽ ماتمداري جو سلسلو شروع ٿي ويو. عزادار رابطا ڪاميٽي موجب قدم گاهه مولا علي عه  تي علامه عمار ياسر بوترابي، محفلِ حُسيني ۾ حافظ ارتضيٰ نجفي، امام بارگاهه گل شاهه رضويه گاڏي کاتو ۾ علامه سائين بخش مناظري، مرڪزي اماميه ٽرسٽ لطيف آباد ۾ علامه شبيهه الرضا زيدي ۽ شهر جي ڪيترين ئي امام بارگاهن ۾ نامور علماءِ ڪرام ۽ ذاڪرين عزا جي مرڪزي مجلسن کي خطاب ڪندا. محرابپور ۾ محرم ايندي ئي عزادري شروع ٿي وئي آهي، شهر جي مختلف هنڌن تي شهزاده علي اصغر جي ياد ۾ سبيلون لڳايون ويون، جڏهن ته 8 هنڌن تي اڄ کان ڏهين محرم الحرام تائين مجلسون برپا ڪري ماتمي جلوس برآمد ڪيا ويندا،هالا جي مختلف امام بارگاهن ارباب، مخدوم غلام حسين، سيد، ميمڻ، مڱڻهار، ٻوڙو، برادري، ساٽي، شيدي، پير منظور، وهنياڻي، مرزا سميت ٻين امام بارگاهن تي علم پاڪ سوار ڪيا ويا.ڄام صاحب ۾ ياحسين جي صدائن سان علم پاڪ سينگارڻ جو سلسلو جاري آهي،ٽنڊو محمد خان ضلعي پوليس پاران محرم الحرام جي حوالي سان ايس ايس پي عبدالله ميمڻ جي قيادت ۾ شھر ۾ امن و امان قائم رکڻ ۽ ڪنھن به اڻوڻدڙ واقعي کي منھن ڏيڻ لاءِ فليگ مارچ ڪيو ويو ،   ميروخان ۾ ڊي سي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن پاران فليگ مارچ ڪيو ويو،  ان حوالي سان ڊي سي جاويد نبي کوسو، ايس ايس پي امام بارگاهن ۽ ماتمي جلوسن جي گذرگاهن ۽ روٽن جو جائزو وٺي منتظمين سان ملاقاتون ڪري سيڪيورٽي انتظامن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ مشورا پڻ ڪيا ويا.