اسلام آباد (بيورو رپورٽ) محرم الحرام  سڀاڻي 31 جولاءِ کان شروع ٿيندو، يوم عاشور 9 آگسٽ اڱاري ڏينهن ٿيندو، مذهبي مامرن جي وزارت چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي جي اجلاس کان پوءِ محرم الحرام جي چنڊ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي جو ڪالهه اجلاس ٿيو، چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي کي ڪالهه محرم الحرام 1444 هجري جو چنڊ نظر نه آيو ،جنهن ڪري پهرين محرم الحرام 1444 هجري 31 جولاءِ 2022 تي هوندي، يوم عاشور 9 آگسٽ 2022ع تي ٿيندو. ٻئي طرف وفاقي گهرو  وزير رانا ثناءُ الله جي صدارت ۾ محرم الحرام جي حوالي سان امن امان قائم رکڻ ۽ جلوسن جي سيڪيورٽي جي حوالي سان لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ مجلسن ۽ جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ صوبائي حڪومتن، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ سول آرمڊ فورسز مقرر ڪيون وينديون، سيڪيورٽي صورتحال کي مانيٽرنگ ڪرڻ لاءِ گهرو وزارت ۾ ڪنٽرول روم قائم ٿيندو، مجلسن ۽ جلوسن جي رستن لاءِ خصوصي سيڪيورٽي ٽيمون جوڙيون وينديون، سوشل ميڊيا تي نفرت انگيز ۽ مذهبي منافرت تي ٻڌل مواد جي روڪٿام لاءِ ان عمل جي سخت مانيٽرنگ ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ نائين ۽ ڏهين محرم تي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي حڪومت کي سفارش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، گهرو وزير چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي سختي سان عملدرآمد ڪيو وڃي، اشتعال انگيزي ڪنهن صورت ۾ قبول ناهي، خلاف ورزي ڪندڙن خلاف قانون لاڳو ڪندڙ ادارا سخت ڪارروائي ڪن.