ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ صوبي ۾محرم  الحرام جي سيڪيورٽي جي حوالي سان آءِ جي سنڌ جي صدارت ۾  اجلاس ٿيو آهي، جنهن ۾  اهل تشيع سان تعلق رکندڙن عالمن به وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. عالم سڳورن محرم الحرام جي حوالي سان پيش ايندڙ مشڪلاتن بابت آگاهي ڏني، گڏو گڏ پوليس طرفان کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار به ڪيو. پوليس ترجمان موجب آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اهي اهل تشيع عالمن طرفان نشاندهي ڪيل  مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻن. آءِ جي سنڌ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته امڪاني حساس علائقن ۾ اسپيشل برانچ ۽ ٿاڻي جي پوليس سيڪيورٽي انتظامن کي غيرمعمولي بڻائي، مجلسن ۽ برآمد ٿيندڙ ننڍن وڏن جلوسن، مجلسن جي هنڌن، جلوسن جي رستن تي سيڪيورٽي جا  بهتر انتظام ڪيا وڃن، ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر سي پي او مان جاري ٿيندڙ حڪمن تي عمل ڪيو وڃي