محرابپور (ن پ ا) محرابپور ۾ ڳڙ منڊي جي واپاري فياض چيمه جي نوجوان ڀائٽي ۽ منشي کان موٽر سائيڪل تي سوار ٻن هٿياربندن هٿيارن جي زور تي ڳڙ منڊي جي گيٽ کان ساڍا 9 لک رپيا ڏينهن ڏٺي جو آساني سان ڦر ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. ان حوالي سان واپاري فياض چيمه ٻڌايو ته منهنجو ڀائٽيو زيد چيمه منهنجي منشي ماجد چانڊيو سان گڏ ڳڙ منڊي ويجهو بئنڪ تان رقم ڪڍرائي دڪان تي اچي رهيو هو ته موٽرسائيڪل تي سوار ٻه نامعلوم هٿياربندن هٿيارن جي زور تي ڳڙ منڊي جي گيٽ اڳيان هنن کان ساڍا 9 لک رپيا ڦر ڪيا ۽ آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو جنهن بعد ڊي ايس پي ۽ ايس ايچ او محرابپور واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل ورتا ۽ جلد جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.