محرابپور (ن پ ا) محرابپور شهر جي وارڊ نمبر 8 مان هٿياربندن سون جي واپاري عبدالمجيد مغل جي گهر مان 50 لک رپين جو مبينا ڌاڙو هنيو آهي، ان حوالي سان واپاري ٻڌايو ته ٽن نامعلوم هٿياربندن هٿيارن جي زور تي ڏينهن ڏٺي جو گهر اندر داخل ٿي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي تقريبن 20 تولا سونا زيور، موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، هن ايس ايس پي نوشهروفيروز کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي، اطلاع تي پوليس پهچي معلومات وڍي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.