محرابپور (ن پ ا) ٻين شهر جيان محرابپور ۾ به هر طرف ياحسين جون صدائون بلند ٿي چڪيون آهن، شهر جي قديمي پڙن ۽ امام بارگاهن کي مذهبي بينرن ۽ ننڍن علم پاڪن سان سجائي تيار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مختلف هنڌن تي سبيلون پڻ لڳايون ويون  آهن، شهر جي 8 هنڌن تي پهرين کان ڏهين محرم تائين مجلسون ٿينديون، جن کي سنڌ جا مشهور عالم ۽ ذاڪر خطاب ڪندا