محرابپور(ن پ ا) محرابپورجي وارڊ نمبر 11 واسي نجي ڪمپني جو ملازم عبدالغفار پٽ رفيق وٽو رائونڊ ۾ ٽرين مان ڪري  موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، 32 ورهين جو نوجوان پشاور کان ڪراچي ويندڙ عوامي ايڪسپريس ۾ لاهور مان سوار ٿي محرابپور اچي رهيو هو ته رائونڊ ۾ حادثي جو شڪار ٿيو، سندس وارث موجب ته نوجوان هڪ نجي ڪمپني جي ميٽنگ جي سلسلي ۾ پنجاب ويل هو ۽ واپسي تي حادثي جو شڪار ٿي ويو.