محرابپور (ن پ ا) محرابپور ۾ سيلفي ٺاهيندي نوجوان پير ترڪڻ سبب واهه ۾ ڪري پيو روهڙي ڪئنال ريگيوليٽر پل وٽ محرابپور شهر جي نيو ٽائون واسي اٽڪل 24 ورهين جو نوجوان محمد آصف پٽ سليم جلالي شاهه يلفي ٺاهيندي پير ترڪڻ سبب روهڙي ڪئنال ۾ ٻڏي ويو ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان پڪنڪ ملهائڻ لاءِ روهڙي ڪئنال ريگوليٽر وٽ آيو جتي هو سيلفي ٺاهيندي واهه ۾ ڪريو ته کيس ڪڍڻ لاءِ اتي بيٺل ڪجهه ماڻهن پاڻ مرادو ڪوششون پڻ ڪيون پر مايوسي ٿي موٽيا، مقامي ٽوٻن چواڻي ته اهڙي واقعي ۾ مڙهه 24 ڪلاڪن يا ٽن ڏينهن ۾ ٻاهر نڪري ايندو آهي پوليس موجب ٽوٻن کي گهرائڻ لاءِ ڪوشش ڪيون پيا وڌيڪ ڳولا پڻ جاري آهي.