محبوبا کي متاثر ڪرڻ لاءِ اي ٽي ايم مان چوري ڪندڙ 2 ڄڻا سوگها

0
955
محبوبا کي متاثر ڪرڻ لاءِ

نئين دهلي(انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت جي گاديءَ واري هنڌ دهليءَ ۾ گرل فرينڊ کي متاثر ڪرڻ لاءِ اي ٽي ايم مشين مان چوري جي ڪوشش دوران 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو

پرڏيهي ميڊيا موجب گرفتار ڪيل جوابدارن جي سڃاڻپ 27 ورهين جي ڪمال ۽ 20 ورهين جي پروين جي نالي سان ٿي آهي جن کي ڀارت جي دهلي واري علائقي رنهولا مان پڪڙيو ويو آهي

پوليس موجب کين اطلاع مليو ته ٻه همراهه اٽڪل ٻه وڳي رات جو هڪ گئس ڪٽر ذريعي اي ٽي ايم کي ڪٽي چوري جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، جڏهن پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ته ٻئي ڄڻا پنهنجو سامان ڇڏي فرار ٿي ويا هئا

جنهن بعد پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج ذريعي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب پڇا ڳاڇا دوران جوابدار ڪمال ٻڌايو ته هن پنهنجي سئوٽ پروين سان گڏجي ڌاڙي جي رٿابندي ڪئي

هن اي ٽي ايم مشين مان چوري لاءِ هڪ گئس ڪٽر، هڪ ايل پي جي سلنڊر ۽ ٻين اوزارن جو بندوبست ڪيو. ٻئي پاسي ويهه ورهين جي پروين ٻڌايو ته هو پنهنجي گرل فرينڊ کي پئسن سان متاثر ڪرڻ لاءِ اي ٽي ايم مان چوري ڪرڻ  تي راضي ٿيو هو