ڪيٽي بندر ( ن پ ا) 22 مئي محبت سنڌ ريلي جي شھيد عبدالستار انڙ جي 11هين ورسي سندس اباڻي ڳوٺ ڌانڌاري ۾ ملھائي وئي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، قادر رانٽو ۽ ٻين اڳواڻن شھيد عبدالستار انڙ جي قبر تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ دعا پڻ گهري. ان موقعي تي ورسي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته 22 مئي تي ڪراچي ۾ محبت سنڌ ريلي تي سنڌ دشمن پارٽي ايم ڪيو ايم فائرنگ ڪري عبدالستار انڙ، غزالا بتول صديقي، بشير بليدي کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو جڏهن ته ڪافي ڪارڪنن کي زخمي پڻ ڪيو ويو ھو. ھن چيو ته عوامي تحريڪ ھنن شھيد ڪارڪنن جي شھادت جو ڏينهن ملهائي اھو ثابت ڪيو آهي ته ھنن جو نالو دنيا جي تاريخ ۾ سنھري اکرن ۾ لکيو ويندو. ھن چيو ته دنيا ۾ مظلوم قومن ۽ سامراجي قوتن ۾ حقن جي خاطر جنگ جاري آهي جنھن ۾ پڻ مظلوم قومن کي فتح نصيب ٿئي آهي. ھن چيو ته سنڌ تي ڪالھه به سامراجي قوتن جو قبضو ھو ۽ اڄ به سنڌ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌين جي روزگار تي قبضو ڪيو ويو آهي. سنڌ کي تباهه ڪرڻ لاء پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي. ھن چيو ته عوامي تحريڪ ھنن سمورن سنڌ دشمن منصوبن خلاف تحريڪ هلائي آهي ۽ پنھنجا حق وٺڻ لاءِ جدوجھد ڪندي رھندي.