محبت ديرو (ن پ ا) محبت ديرو ۾ چور آصف راجپوت جي گھر جي ڇت تي لڳل 4 سولر پليٽون، خالد راجپوت جون 2 سولر پليٽون، صاحب خان سرگاڻي جون 4 سولر پليٽون، سلطان پنجابي جون 2 سولر پليٽن سميت زميندار نياز ڏھراج جي زمين تي لڳل 3 عدد سولر پليٽون چوري ڪري ويا، ٻي طرف  بدامني خلاف شھري ايڪشن ڪاميٽي پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، اڳواڻن رانا عابد راجپوت ۽ ٻين دانهيندي چيو ته شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي پر پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي، نوٽيس وٺي امن قائم ڪرايو وڃي.