محبت ديرو (ن پ ا) ڪمشنر شھيد بينظيرآباد سيد محسن شاھ جي ھدايت تي ڊي سي نوشھروفيروز ڪيپٽين رٽائرڊ بلال شاھد رائو محبت ديرو پھچي يوسي آفيس ۾ مستحق ۽ غريب عورتن ۾ سلائي مشينون ۽ نلڪا ورھايا، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز ڪيپٽن رٽائرڊ بلال شاھد رائو چيو ته سڀني يونين ڪائونسلن ۾ غريب مستحق عورتن کي سلائي مشينون ۽ نلڪا ڏنا ويندا ۽ معذورن کي سنڌ حڪومت طرفان ويل چيئر فراھم ڪيون وينديون.